عبدالجبار خان

عبدالجبار خان: عبدالجبار ولد حافظ محمد يعقوب جي پيدائش 17 سيپٽمبر 1883ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سنڌ مدرسه الاسلام مان تعليم حاصل ڪيائين ۽ 1908ع ۾ بمبئي مان وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن کانپوءِ حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1919ع ۾ جڏهن خلافت تحريڪ زور ورتو، تڏهن عبدالجبار هن تحريڪ ۾ حصو ورتو. 1920ع ۾ خلافت تحريڪ ڪميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. جڏهن خطابات واپس ٿيڻ لڳا، تڏهن عبدالجبار پنهنجي وڪالت جي سند جوڊيشنل ڪمشنر سنڌ کي واپس ڪري ڇڏي ۽ گذرسفر لاءِ مختلف ڪاروبار ڪرڻ لڳو. هي خلافت ۽ ڪانگريس ڪميٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن هو.


لفظ عبدالجبار خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1883.09.17  عيسوي

عبدالجبار ولد حافظ محمد يعقوب جي پيدائش 17 سيپٽمبر 1883ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسحاق جمالي ڊاڪٽر
پيرزادو عبدالرزاق مولوي
الطاف حسين 2
اياز
مير رستم خان ٽالپر
آفتاب شعبان ميراڻي
عزيز بلوچ
سرائي علي گوهر خان
داداڀائي ولي محمد
علياڻي بهادر خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون