عبدالجبار خان

عبدالجبار خان: عبدالجبار ولد حافظ محمد يعقوب جي پيدائش 17 سيپٽمبر 1883ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سنڌ مدرسہ الاسلام مان تعليم حاصل ڪيائين ۽ 1908ع ۾ بمبئي مان وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن کانپوءِ حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1919ع ۾ جڏهن خلافت تحريڪ زور ورتو، تڏهن عبدالجبار هن تحريڪ ۾ حصو ورتو. 1920ع ۾ خلافت تحريڪ ڪميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. جڏهن خطابات واپس ٿيڻ لڳا، تڏهن عبدالجبار پنھنجي وڪالت جي سند جوڊيشنل ڪمشنر سنڌ کي واپس ڪري ڇڏي ۽ گذرسفر لاءِ مختلف ڪاروبار ڪرڻ لڳو. هي خلافت ۽ ڪانگريس ڪميٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن هو.


لفظ عبدالجبار خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1883.09.17  عيسوي

عبدالجبار ولد حافظ محمد يعقوب جي پيدائش 17 سيپٽمبر 1883ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حشو پارواڻي
شير محمد خان
ڦل ماڇي
ٻاٻيهو
خان خانان بيرام خان
امام بري
پير شاھنواز شاھہ عارف الموليٰ
نسرين چانڊيو
سيد قادر بخش شاھہ
مرليڌر جيٽلي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون