
ڊاڪٽرعبدالجبارعابد لغاري
عبدالجبار عابد لغاري: نامياري محقق ۽ استاد ڊاڪٽر عبدالجبار عابد ولد محب علي لغاريءَ جو جنم 11 مئي 1944ع تي ڳوٺ تاجپور، تعلقي مٽياريءَ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ تاجپور، منڱين جي تڙ ۽ ڏيپر/ منصوره (هالا) مان حاصل ڪئي. مـئـٽـرڪ 1962ع ۾ تـعـمـيـر ملـت هـاءِ اسڪـول، ڏيـپـر/ مـنـصـوره (هـالا) مـان، 1965ع ڌاري انـٽـر، گـورنميـنٽ ڪـالـيـج (ڪاري موري) حيدرآباد مان، بي. اي سنڌ يـونيـورسـٽـيءَ مـان 1967ع ۾، ايـم. اي پوليٽيڪل سـائـنـس ۾ سـنڌ يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾، ايم. اي سنڌي 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد 1989ع ڌاري غـلام مصطـفيٰ قـاسمـيءَ جـي رهنمائـيءَ ۾ ‘تاجپـور جي لغاري خاندان جون علمي ۽ ادبي خدمتون’ جي عنوان تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. کيس شاگرديءَ واري زماني کان ئي درس تدريس سان تمام گهڻو چاھہ رهيو. 1960ع ۾ حيدرآباد ضلعي ۾ ‘مجاهد’ نالي لائبرري قائم ڪيائين. 65-1960ع ڌاري شاھہ جي رسالي جو ناياب قلمي نسخو (جنهن ۾ سر سهڻيءَ سان رسالي جي ابتدا ٿيل آهي) شاھہ ولي ﷲ اورينٽل ڪاليج لائبرري، منصوره، هالا ۾ تحفي طور ڏنو. اهو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ‘شاھہ جو رسالو’ (ڏھہ جلد) جي حوالن ۾ منصوره جي رسالي طور ڄاڻايو آهي. ان کان سواءِ بہ سندس سون جي تعداد ۾ ڪتاب مدرسہ جامعة العلوم اسلاميه، منصوره کي عطيي طور ڏنل آهن. پاڻ 1963ع کان 1967ع تائين جامعہ عربيه ڪاليج حيدرآباد جو انچارج پڻ رهيو. کيس مختلف ملڪن جي سڪن گڏ ڪرڻ جو بہ ڪافي شوق رهيو، جيڪي بہ هن شاھہ ولي ﷲ اورينٽل ڪاليج، منصوره، هالا کي تحفي ۾ ڏنا. عملي زندگيءَ ۾ 1966ع کان 1979ع تائين ماهوار رهبر ڊائجسٽ جو مدير رهيو. سندس ادارت ۾ هڪ سؤ کان مٿي پرچا شايع ٿيا. 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان جاري ٿيندڙ ماهوار سائنس مئگزين جي ادارت سنڀاليائين. 1979ع کان 1989ع تائين ‘نئين زندگي ’ رسالي جو مدير ٿي رهيو. سندس ادارت ۾ ڪجهہ خاص نمبر پڻ شايع ٿيا، جن ۾ سيرت نمبر، هجري نمبر، شاھہ لطيف نمبر، سچل نمبر ۽ شاھہ عنايت نمبر وغيرہ شامل آهن. 1990ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر (هيڊ ڪوارٽر) اسلام آباد جو اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر رهيو. 1993ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر، حيدرآباد ۾ ساڳئي عهدي تي فائز رهيو. 1997ع کان 2004ع تائين سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. 2005ع ۾ هڪ سال تائين ‘وينجهار’ رسالي جو ايڊيٽر رهيو. جڏهن تہ 2007ع کان 2017ع تائين شاھہ ولي ﷲ اڪيڊمي، حيدرآباد جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. هن ادبي دنيا ۾ لکڻ جو آغاز 1966ع ڌاري ڪيو. هن وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد 40 کان مٿي آهي. جن ۾ (1) ‘خاندان جو تاريخي ڪردار'>تاجپور جي نواب خاندان جو تاريخي ڪردار’ (پي. ايڇ. ڊيءَ جو تحقيقي مقالو: 1989ع)، (2) شيشي جي ديوار (ڪهاڻيون: 1975ع)، (3) ننگي لاش جو سفر (ناول: 1976ع)، (4) سنڌ جو عظيم ڪردار سردار نواب ولي محمد خان (1992ع)، (5) تحريڪِ آزاديءَ ۾ سنڌ ڪا ڪردار- 1843ع کان 1920ع- ۽ حُر تحريڪ (1992ع)، (6) تحريڪ آزادي ۾ سنڌ ڪا ڪردار 1921ع کان 1947ع تائين (1992ع)، (7) حميدہ ديوان: والي واحد وحدہ (1998ع)، (8) تاريخ '>سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ (1998ع)، (9) نعتيه ديوان: سچو سرور صلي ﷲ عليہ وسلم (2000ع: جنهن تي کيس صدارتي اوارڊ مليو)، (10) شيشي جو گهر (ڪهاڻيون: 2001ع)، (11) ترقي پسند ادب جو فڪري جائزو (2000ع)، (12) دل جي دنيا (ترتيب: 1968ع)، (13) تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني ۾، (14) سھڻا گل سنڌ جا (سوانح عمريون: 2003ع)، (15) جهڙو پسڻ پرينءَ جو (بياض 1: 2004ع)، (16) رسيلا رنگ (بياض 2: 2004ع)، (17) سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر (2006ع)، (18) سنڌ جا صوفي شاعر (2007ع)، (19) حضرت شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (2009ع)، (20) ڄامن سندو ڄام (2011ع)، (21) نواب ولي محمد خان، نواب احمد خان، فقير ولي محمد خان ۽ سندن اولاد (2012ع)، (22) حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (ترتيب: 2010ع)، (23) آزاديءَ جي هلچل ۾ سنڌ جو حصو (2011ع)، (24) غالبِ سنڌ: فيض بخشاپوري (ترتيب: 2011ع)، (25) سنڌي زبان (ترتيب: 1967ع)، (26) ادبي جواهر (ترتيب: 1968ع)، (27) ادبي خزانو (ترتيب: 1969ع)، (28) مشرق و مغرب (ترتيب: 1968ع)، (29) روضي جو فلسفو (ترتيب: 1968ع)، (30) ماڻڪ ۽ موتي (ترتيب: 1969ع)، (31) يا خدا (ترتيب: 1969ع)، (32) شاھہ ولي ﷲ ڪي نظر ۾ جهاد اور اجتهاد (ترتيب: 2008ع)، (33) تفسير علق الرحمٰن (ترتيب: 2007ع)، (34) ﷲ دهلوي'>شاھہ ولي ﷲ دهلوي: سوانح و افڪار (ترتيب: 2009ع: اردو)، (35) ننگن جو نواب (ننگ نمبر: ترتيب: 1973ع)، ۽ (36) رگ ويد کان شيخ اياز تائين (ماهوار وينجهار ۽ ساوتري ڪوٽول مل ۽ رام پنجواڻيءَ جي تنقيدي مضمونن جي ترتيب: 2005ع) شامل آهن. هن حيدرآباد ۾ عابد اويسي رهبر اڪيڊمي نالي هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو. جنهن ۾ سندس ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن، جھڙوڪ: منصوره منهنجي ماءُ، مقالاتِ عابد، منهنجي دل منهنجا جگر: پروفيسر عبدالقادر ۽ پروفيسر عبدالڪريم، لطيف شناسي (ليڪچرن تي مبني)، منهنجو من مڪو مدينو، ملاقاتون (اهم شخصيتن جي تحريري انٽرويوز تي مشتمل)، صوفياءِ ڪرام جو پيغام: امن و آشتي اتحاد و يڪجهتي، هزار داستان- يارن جو يار عابد، اهم واقعات عابد ۽ راز و نياز اهم آهن. سندس خدمتن ۽ علمي ادبي پورهيي عيوض کيس صدارتي اوارڊ، شاھہ لطيف اوارڊ، پاڪستان نيشنل اوارڊ، غالب سنڌ فيض بخشاپوري اوارد، نئين زندگي گولڊن جوبلي اوارڊ، جي ايس ملٽي نيشنل اوارڊ، سچل سرمست اوارڊ مليا آهن. ڊاڪٽر عابد جا ڪيترائي تحقيقي مضمون سنڌي توڙي اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ راولپنڊي، لاهور، ڪراچي ۽ حيدرآباد مان شايع ٿيندا رهيا . هن جو ڪيترين ئي ادبي تنظيمن سان واسطو رهيو.پاڻ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ رهبر ادبي سوسائٽيءَ طرفان سيمينار ۽ ڪانفرنسون بہ منعقد ڪرائيندو رهيو. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد 25 نومبر 2020ع تي وفات ڪئي.
1944.05.11 عيسوي
ڊاڪٽر عبدالجبار عابد ولد محب علي لغاريءَ جو جنم 11 مئي 1944ع تي ڳوٺ تاجپور، تعلقي مٽياريءَ ۾ ٿيو.