عبدالجبار عاجز منگي
عبدالجبار عاجز منگي: نامور اديب، استاد ۽ ٻارڙن جي ليکڪ عبدالجبار ولد غلام رسول منگي، 10 جنوري 1972ع تي ڳوٺ ڇتي منگي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن پهرين کان اٺين تائين تعليم ڳوٺ ڇتي منگيءَ جي اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان 1988ع ۾، انٽر گورنمينٽ سي. اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان 1990ع ۾، بي. اي گورنمينٽ شاهه لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان 1992ع ۾ حاصل ڪئي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1990ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1990ع ڌاري ارباب عادل چوهاڻ جي صحبت ۾ ڪئي. سندس شاعري، مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. سندس هڪ ڪتاب عشق جي اصلي ڳالهه نه ڪر (نياز مسرور بدويءَ سان گڏ) شايع ٿيل آهي. کيس خدمتن طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ بهترين استاد اوارڊ (2016ع)، مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور طرفان بهترين شاعر اوارڊ (2017ع) ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران يادگار شيلڊ (2018ع) قابل ذڪر آهن. عبدالجبار عاجز منگي، سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور ۽ سنڌ سڳنڌ ادبي سنگت شڪارپور سان سلهاڙيل آهي. هيءُ هن وقت گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪوٽ اختر محمد شيخ شڪارپور ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
1972.01.10 عيسوي
عبدالجبار ولد غلام رسول منگي، 10 جنوري 1972ع تي ڳوٺ ڇتي منگي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.