عبدالجبار وڪيل

عبدالجبار وڪيل: عبدالجبار وڪيل 17 سيپٽمبر 1884ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن جو خاندان اصل ۾ عربستان جي زبيري قبيلي مان هو. ميان عبدالجبار وڪيل ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم سنڌ مدرسي ۾ حاصل ڪئي. ڪجهہ وقت مدرسي ۾ معلم رهيو، 1908ع ۾ بمبئي هاءِ ڪورٽ مان وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين. 1909ع ۾ حيدرآباد شھر ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي سرپرستيءَ ۾ وڪالت جي شروعات ڪيائين. رئيس غلام محمد جي صحبت ۾ وڪالت ۽ ملڪي مسئلن کان وڌيڪ واقف ٿيو. وڪالت سان گڏ سماجي ۽ سياسي معاملن ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. 1919ع ۾ خلافت تحريڪ ۾ هن نمايان حصو ورتو. 1920ع خلافت ڪميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. ڪانگريس جي پليٽ فارم تان هن عدم تعاون واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڪجهہ وقت لاءِ جيل بہ ويو. انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ جو سرگرم ميمبر رهيو. سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ جو صدر بہ رهيو. 1933ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر رهيو. 1934ع ۾ پير غلام محمديءَ سان گڏ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. حاجي علي اڪبر شاھہ سان گڏ حيدرآباد ۾ جامعہ عربيه قائم ڪرڻ سان گڏ پاڪستان جي تحريڪ ۾ بہ نمايان حصو ورتائين. عبدالجبار مخلص ۽ قومي ڪارڪن هو. هن جي زندگيءَ جو پورو مقصد خدمتِ خلق لاءِ هو. هن 1369ھہ/ 1949ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالجبار وڪيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1884.09.17  عيسوي

عبدالجبار وڪيل 17 سيپٽمبر 1884ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن 1369هه/ 1949ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صديقي محمود الحسن ڊاڪٽر
دلاور خانجي
عبدالتواب خان ڊاڪٽر
زيبا بختيار
آسيو سوڍو
الاهي بخش ٻانڀڻ
چاچڪ شيخ مغل
آخوند نور محمد ڀٽي
ڄاموٽ سيد حاجي جلال شاھہ
جاويد اقبال جسٽس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون