عبدالجبار پنهور

عبدالجبار پنهور

عبدالجبار پنهور

عبدالجبار پنهور: سنڌي اداڪار، شاعر ۽ وڊيو فلم ڊائريڪٽر عبدالجبار ولد خدا بخش پنهور، 18 آگسٽ 1972ع تي ضلعي نوشهري فيروز جي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ ڄائو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. هن فني سفر جو آغاز اسٽيج ڊرامن کان ڪيو ۽ پوءِ ريڊيو تي صداڪاري ڪئي. سندس پهريون ڊرامو شبنم گل جو لکيل ’ورهين جو ويراڳ‘ هو، جنهن جو پروڊيوسر ڪامران ڀٽي هو. ان بعد هن کي پي. ٽي. وي تي پروڊيوسر بيدل مسرور ’رس چس‘ پروگرام ۾ متعارف ڪرايو. سنڌي سيٽلائيٽ چينل ڪي. ٽي. اين تي هن مشھور ڊرامن ’چولي‘، ’ماما لالو‘: سنڌ ٽي. وي تي ’بھادر ٻارڙا‘: مهراڻ ٽي. وي تي ’مٺو زهر‘، ’علم جي روشني‘ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. جبار پنهور مختلف وڊيو فلمون: ’ضدي‘، ’زورآور‘، ’خيرات جو ڀت‘، ’وحشي انسان‘، ’سنڌ جو سلطان‘ ۽ ’عاشقي‘ وغيرہ ٺاهي پيش ڪيون آهن. عملي زندگيءَ ۾ هي سنڌ پوليس ۾ وائرليس آپريٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.08.18  عيسوي

عبدالجبار ولد خدا بخش پنهور، 18 آگسٽ 1972ع تي ضلعي نوشهري فيروز جي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهنواز ٻرڙو ڊاڪٽر
سرائي خان
جان ﷲ شاھہ رضوي
جان شير خان
چندناڻي ارجن (سي ارجن)
سردار خان چانڊيو
آغا عبدالنبي عليگ
احسن ڪربلائي
خليفو سيد محمد باقر شاھہ
الھورايو سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون