شيخ عبدالحق

شيخ عبدالحق

عبدالحق شيخ 2

عبدالحق شيخ : تعليمي ماهر، سماجي ڪارڪن شيخ عبدالحق ولد شيخ عبدالله پهرين سيپٽمبر 1877ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو. هن جو والد، جنرل جان جيڪب جي ڏينهن ۾ انگريز فوج ۾ صوبيدار ميجر هو، جيڪو اصل بمبئي جي ڪوڪن حصي جو ويٺل هو، پر رٽائر ٿيڻ بعد لڏي اچي ڪوٽڙيءَ ۾ رهيو. هن ابتدائي تعليم ڪوٽڙيءَ مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هن سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان 1896ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. 1897ع ۾ هي ڪميشن پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي هن نو سال خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان پوءِ هن کي 1905ع ۾ حيدرآباد ضلعي اندر فورٿ اسسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولز مقرر ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ترقي ڪري فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولز جي درجي تي پهتو. ان کانپوءِ کيس 1914ع ۾ ملا ڊپٽي ايڊيوڪيشنل اسڪولز جي چارج ڏئي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جا ضلعا سندس حوالي ڪيا ويا. هن تعليمي نظام کي سڌارڻ ۽ منظم ڪرڻ جو ڪم نهايت خوش اسلوبيءَ سان ڪيو. ڇھن سالن تائين ان کاتي ۾ ڪم ڪرڻ بعد کيس انهيءَ کاتي مان بدلي ڪري جيڪب آباد ضلعي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪولن جي مٿان ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. عبدالحق 1926ع ۾ جي. ايم. سيد جي چوڻ تي ڪراچي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو ائڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو، جتي هن کي سليڪشن گريڊ مليو ۽ ڪراچيءَ ۾ ئي ڇھہ سال نوڪري ڪري رٽائرمينٽ ورتائين. شيخ عبدالحق جي باري ۾ جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ‘جن سين'>جنب گذاريم جن سين’ ۾ لکي ٿو ته، اڪثر سرڪاري عملدار ابن الوقت ۽ ڊڄڻا ٿين ٿا، جن کي اصولن سان يا ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ادا ڪرڻ سان دلچسپي ڪانہ ٿي رهي. هو ذاتي مفاد لاءِ هر برو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا، پر شيخ عبدالحق انهيءَ گروھہ مان نہ هو، باهمت عملدار هو. تعليم ۽ ملڪي ترقيءَ جي مسئلن سان گهري دلچسپي هوندي هئس. ملڪ جي حقيقي خير خواهن کي سڃاڻڻ جو شعور هئس. 1905ع ڌاري هن هڪ ايراني قبيلي مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻہ نياڻيون ۽ هڪ فرزند محمد علي نالي پيدا ٿيو. شيخ صاحب عمر جو پويون وقت گارڊن ڪوارٽرس ڪراچيءَ ۾ گذاريو. سندس سنگت، سيٺ طيب علي علوي، مير مقبول خان، سردار عبدالباقي ۽ ماستر مريد علي سان هئي، جيڪي اڪثر گانڌي گارڊن ۾ ڪٺا ٿي علمي مجلسون ڪندا هئا. شيخ عبدالحق 89 سالن جي عمر ۾ 1966ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1877.09.01  عيسوي

شيخ عبدالحق ولد شيخ عبدالله پهرين سيپٽمبر 1877ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو. شيخ عبدالحق 89 سالن جي عمر ۾ 1966ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪملا گوڪلاڻي ڊاڪٽر
ڄيٺاسنگهہ
سروجني نئڊو
برهم گپت
سيد عبدالله شاھہ:
سيد محمد مبارڪ شاھہ جيلاني ثاني
ماڻڪ ڪنگراڻي
شمع سنڌي
سعيد سميجو
فھيم شناس ڪاظمي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون