عبدالحق عالماڻي

عبدالحق عالماڻي

عبدالحق عالماڻي

عبدالحق عالماڻي: نامور ڪهاڻيڪار عبدالحق عالماڻي، پهرين جنوري 1941ع تي ڳوٺ حسين خان عالماڻي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتائين، اڳتي والدين پڙهائڻ نہ پئي چاهيو، پر کيس پڙهڻ جو جنون جي حد تائين شوق هو. پنھنجي محنتن سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ مسلم ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو. هن 1965ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، ان وقت سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف زوردار تحريڪ هلي رهي هئي ۽ سنڌ جي هر اديب، شاعر توڙي ڪهاڻيڪار جي قلم ۾ بغاوت ڀريل هئي. انهيءَ تحريڪ دوران ڪيترن ئي رسالن ۾ ڪهاڻيون لکيائين. انهن مان روح رهاڻ پنهنجو فرض نڀائيندي نوجوان ليکڪن کي اُڀاريو ۽ انهن جي لکڻين کي جيئن جو تيئن ڇپيو، عالماڻي بہ رُوح رهاڻ ۾ گهڻو ۽ سٺو لکيو. سندس لکڻين ۾ قومي درد ڀريل هوندو هو، جنهن سبب ماڻهن ۾ عالماڻيءَ جي لکڻين اثر ويهاريو، هن جي ڪهاڻين ۾ رومانس بہ هو تہ نوجوانن کي ڌرتيءَ جي ويڙھہ لاءِ اُڀارڻ جو اتساھہ بہ هو. عبدالحق عالماڻي قومپرست ليکڪ هو، جنهن ڪري قومي ورڪرن ۾ وڌيڪ مقبول هو، سندس لکڻين جو محور سنڌ هئي، عبدالحق عالماڻي ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ جي سهاري کان محروم رهيو، ماءُ ئي سندس سهارو هئي، اهڙين حالتن سان وڙهندي هن پڙهائي بہ ڪئي،ڌڪا ٿاٻا کائيندي وڏو ٿيو هو، جنهن ڪري سندس لکڻين ۾ درد جي جهلڪ وڌيڪ پَسبي هئي.عالماڻيءَ جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ‘ڪارو ڪارونڀار’ ڇپيل آهي ۽ لاتعداد ڪهاڻيون روح رهاڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن، جيڪي ڇپجن تہ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سٺو واڌارو ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ عالماڻي هڪ ناول ”هي جيون هي سپنا“ بہ لکيو، جيڪو پڻ اڻ ڇپيل آهي. عبدالحق عالماڻيءَ، جوانيءَ ۾ ئي ڪينسر جي مرض سبب، 24 اپريل 1975ع تي وفات ڪئي.


لفظ عبدالحق عالماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.01.01  عيسوي

عبدالحق عالماڻي، پهرين جنوري 1941ع تي ڳوٺ حسين خان عالماڻي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو.


1975.04.24  عيسوي

عبدالحق عالماڻيءَ، جوانيءَ ۾ ئي ڪينسر جي مرض سبب، 24 اپريل 1975ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پليجو سسئي
شاهنواز ٻرڙو ڊاڪٽر
عبدالهادي مرزا حڪيم
کيمچند شرما
انيتا شاھہ
اسد سڪندر ملڪ
بابل خان جکراڻي
عبدالقيوم چنا
ابو سعيد عبدالڪريم سمحاني
درازي سخي قبول محمد چوٿون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون