
مولوي عبدالحق
عبدالحق لنڊ، مولوي: ديني عالم ۽ شاعر مولوي عبدالحق ڪنيت ابو عبدالله ولد حاجي محمد حسين لنڊ بلوچ پهرين فيبروري 1941ع تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو. سندس خاندان مذهبي ليکيو ويندو آهي. مقامي راڄن ۾ سندس خاندان کي خاص اهميت حاصل رهي آهي. هن مقامي اسڪول ۾ 1956ع ڌاري سنڌي فائنل ۽ مئٽرڪ 1960ع ڌاري ميرپور ماٿيلي مان پاس ڪئي. ديني تعليم جي شروعات گهر مان ڪيائين، قرآن مجيد پنھنجي والد وٽ پڙهيو. فارسيءَ جي شروعاتي تعليم ميرپور ماٿيلي ۾ ۽ بعد ۾ ڪولاب جيئل جي مدرسي شمس الهدى مان عربيءَ سان گڏ فارسيءَ جي تعليم مڪمل ڪيائين، جتي ٻين ديني علمن جي ڄاڻ حاصل ڪري سند حاصل ڪيائين. 1964ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهائي، 60 سال عمر ٿيڻ بعد هيڊماستر جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين. نوڪريءَ دوران شعر و شاعري ۽ تحقيقي عمل جو آغاز ڪيائين. شاعريءَ ۾ ‘اميراڻي’ تخلص ڪتب آندائين. مذهبي حوالي سان ديوبند منسلڪ سان وابستہ آهي. کيس ديني علمن ۾ ڪمال جي ڄاڻ حاصل آهي. پاڻ جمعيت العلماء السلام جو پڻ سرگرم ورڪر آهي. هن عمري ۽ حج جي پڻ سعادت حاصل ڪئي آهي. هن سنڌ ۽ پنجاب کانسواءِ افغانستان تائين تبليغي جماعتن سان وڃي اسلامي پرچار ڪئي آهي. ديني معاملن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس، جن مان اڪثر حديث جي روشنيءَ ۾ لکيا ويا آهن. ان کان سواءِ ٻين موضوعن تي پڻ سندس تصنيفون آهن. سندس ڪتابن ۾ ‘اسماء الحسنى واسماء النبي صلي ﷲ عليہ وسلم’، ‘حديثن جو گلدستو’، ‘دعائن جو گلدستو’، ‘ديني دنياوي معلومات جو املھہ خزانو’، ‘گهوٽڪي جا گهوٽ’، ‘سخن سچ الحق’، ‘مجموعه سي حرفي’، ‘حرمين جون زيارتون’ ۽ ‘ڀـُلڪارون’ شامل آهن. مولوي عبدالحق وڏي عمر باوجود تحرير جو شوق جاري رکيو اچي. پاڻ هن وقت گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ مولوي عبدالوهاب لنڊ ۾ رهائش پذير آهي.
1941.02.01 عيسوي
مولوي عبدالحق ڪنيت ابو عبدالله ولد حاجي محمد حسين لنڊ بلوچ پهرين فيبروري 1941ع تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.