عبدالحليم غفاري علامہ

عبدالحليم غفاري، علامہ: مولانا مفتي عبدالحليم چانڊيو غفاري، آگسٽ 1948ع ڌاري ڳوٺ ڪنب حسيني لڳ ڳوٺ منگواڻي، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم قاري احمد حسيني ۽ قاري محمد غفاريءَ وٽ پڙهيو. فارسيءَ جي تعليم پنھنجي والد وٽان حاصل ڪيائين. درس نظامي جي تڪميل علامہ مفتي عبدالحئي روهڙيءَ واري وٽان حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح پاڻ فارغ التحصيل ٿيڻ بعد درس و تدريس ۾ مصروف آهي. ويھہ سال گاهي مهيسر ميهڙ جي مدرسي ۾، هڪ سال ٻٽ سرائي درگاھہ پير پنھل ۾ پڙهايائين. ڪافي عرصي کان درگاھہ عاليه رحمت پور شريف لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ پڙهائي رهيو آهي. پاڻ حضرت پير مٺا سائين (ثاني) جو استاد بہ آهي. فتويٰ نويسيءَ ۾ بہ وڏي مهارت رکي ٿو. درٻار رحمت پور شريف لاڙڪاڻي ۾ جيڪي شرعي مسئلا ايندا آهن، انهن جي باري ۾ علمي ۽ تحقيقي تحريرون لکندو آهي. هن وقت تائين مختلف موضوعن تي ٻہ سئو کان مٿي فتوائون جاري ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ سندس ڪجهہ ڪتاب پڻ تصنيف ڪيل آهن. جن مان هڪ ڪتاب ‘ڪرامات غفاري’ شايع ٿي چڪو آهي. باقي قلمي صورت ۾ موجود آهن. مولانا صاحب وٽ ڪيترائي فيضياب ٿيا، جن ۾ حضرت خواجہ عبدالغفار پير مٺا سائين (ثاني) مفتي عبدالنبي لانگاھہ، مفتي انور حسين، سيد فاروق احمد شاھہ راشدي جا نالا اچي وڃن ٿا. مولانا عبدالحليم غفاري شفيق، مهربان ۽ انتهائي ساده مزاج انسان آهي. پاڻ هن وقت درگاھہ رحمت پور شريف جي جامع مسجد ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم جاري رکيو پيو اچي، کيس ٽن پٽن ۽ ڇھن نياڻين جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو