عبدالخالق ڪنڊياروي، مولانا: نامور عالم، خطيب، صحافي ۽ حڪيم، مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي ولد ميان محمد هاشم جو جنم 1892ع ڌاري ڳوٺ ڄام نورالله، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. سندس والد کان سواءِ ڏاڏو ميان شاهه محمد پنهنجي وقت جو نامور عالم ٿي گذريو آهي. مولوي عبدالخالق ذات جو سهتو هو. سندس پالنا علمي ۽ ديني گهراڻي ۾ ٿي. کيس ديني تعليم لاءِ ڳوٺ جي ‘ڄامن واري مسجد’ ۾ ويهاريو ويو. جتي مولوي الهه بخش سيٺر کان قرآن پاڪ ناظره پڙهيو. ابتدائي تعليم عربي، فارسي ۽ سنڌي به ڳوٺ جي مڪتب مان پرايائين. ڪجهه تعليم ڍينگي شريف ۽ کاهي ڪنڍا مان به حاصل ڪائين. بعد ۾ پير جهنڊي جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي نامور عالم مولانا محمد اڪرم انصاري ۽ برصغير جي وڏي عالم ۽ مفڪر مولانا عبيدالله سنڌيءَ به تعليم حاصل ڪئي هئي. جتان فارغ التحصيل ٿي ڳوٺ ۾ مدرسو کولي، درس تدريس ڏيڻ لڳو. هن ڪنڊياريءَ جي شاهه ذڪريا مسجد، کٽين واري مسجد ۽ قبائين مسجد شريف ۾ به پڙهايو.
مشهور ليکڪ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو ته، “سندس وعظ ۽ نصيحت تي ڪيترائي راهه ڀٽڪيل ماڻهو سڌيءَ راهه تي اچي ويا.”مولوي عبدالخالق ‘جميعت العلماءِ هند’ جو سرگرم ميمبر هو ۽ خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. مولوي عبدالله خلافت تحريڪ ۾ سندس رفيق هو. هن هجرت تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي حڪم تي پنهنجن ٻارن ۽ دوستن سميت ڪابل ڏي هجرت ڪيائين. بعد ۾ واپس ڳوٺ اچي مدرسو ٻيهر فعال ڪيائين. هن مولانا شوڪت عليءَ جي ‘ترڪ موالات تحريڪ ’ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي 1925ع جي آخر ۾ ڪنڊياري مان لڏي نوابشاهه ۾ آباد ٿيو. 1938ع تائين نوابشاهه جي جامع مسجد ۾ پيش امام ۽ خطيب ٿي رهيو. 1939ع ۾ نوابشاهه ضلعي جي ڪليڪٽر مسٽر ڊو سان سندس اختلاف ٿي پيا، جنهن سبب نوابشاهه کي خيرآباد چئي حيدرآباد ۾ رهيو. مولوي صاحب حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ فقه جو استاد مقرر ٿيو. جتان جو پرنسپال نامور اديب صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ سندس معتقد هو. مولوي صاحب سرڪاري ملازمت سان گڏ واڍن جي پڙ واري مسجد ۽ بعد ۾ ڪورين جي پڙ واري جامع مسجد ۾ پيش امام ٿي رهيو. مولوي عبدالخالق ڪنڊياروي وقت جو هڪ وڏو عالم ۽ ڪيترين ئي فضيلتن جو مالڪ هو. ديني علمن سان گڏ طب، منطق ۽ سنڌ جي تاريخ جو پڻ ڄاڻو هو. هن مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي هٿ تي قادري طريقي جي بيعت ڪئي. مولوي عبدالخالق 1936ع ڌاري نوابشاهه ‘معارف’ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو، جيڪو 1938ع تائين باقاعده جاري ٿيندو رهيو. سندس مقالا توحيد رسالي، مشهور اخبار الوحيد، ملا مخزن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هن 1930ع ۾ سورة ڪوثر جو سنڌيءَ ۾ تفسير لکيو. 1932ع ڌاري سيرت پاڪ هڪ رسالو ‘حالات حضور’ نالي ڇپايائين. 1942ع ۾ هن ‘معارف القرآن’ جي نالي سان قرآن پاڪ جو سنڌيءَ ۾ تفسير لکيو. ان کان سواءِ هن ‘صحيح بخاري’ ۽‘مثنوي مولانا روم’ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مولوي صاحب عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ شاعري پڻ ڪئي. هو شاعريءَ ۾ ‘عبد’ تخلص استعمال ڪندو هو. هن 55 سالن جي عمر ۾ سلهه جي مرض سبب، جون 1947ع ۾ وفات ڪئي.