مولانا عبدالرحمان جمالي

مولانا عبدالرحمان جمالي

عبدالرحمان جمالي مولانا

عبدالرحمان جمالي، مولانا: نامور ديني عالم مولانا عبدالرحمان جمالي 1934ع ڌاري بلوچستان جي هاڙهي نالي ڳوٺ ۾ عبدالله جماليءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندن والدين پورهيت هئا، جيڪي 1945ع ڌاري مزدوريءَ سانگي بلوچستان مان لڏي پهرين سنڌ ۾ ميرپورخاص ويجهو ڳوٺ ٽوھہ خاصخيليءَ ۾ اچي آباد ٿيا، جتان ٻن سالن بعد ٽنڊي الهيار ويجهو سريوال ڳوٺ ۾ رهائش پذير ٿيا. جتي هو ٻہ درجا سنڌي پڻ پڙهيو، 1949ع ۾ عمرڪوٽ ويجهو مشھور ديني درسگاھہ ‘ولهيٽ’ ۾ پنھنجي وقت جي جيد عالمن مولانا عزيزالله ساند ۽ مولانا عبدالسميع ساند وٽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي ۾ داخل ٿيو. جتي قرآن مجيد، فارسي ۽ عربيءَ سان گڏ سنڌي تعليم حاصل ڪيائين. سندس اعليٰ ذهانت سبب، استادن کيس پڙهڻ سان گڏ پڙهائڻ جون ذميواريون پڻ سونپيون. 1954ع ۾ ديني تعليم مڪمل ڪري دستاربند عالم ٿيو، جنهن بعد ميرپورخاص ويجهو ڳوٺ دولت لغاريءَ جي اسڪول ۾ فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ جلد ماستر مقرر ٿيو. جنهن دوران حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان ٻن سالن جو ڪورس مڪمل ڪري 1957ع ۾ فارغ ٿيو. استاد جي پيشي سان وابستہ ٿيڻ بعد پنھنجي استاد، مولانا عبدالسميع ساند جي خواهش تي ولهيٽ ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ جتي اسڪول سان گڏ مدرسي ۾ پڙهائيندو رهيو. 1995ع ۾ جامعمسجد عمرڪوٽ ۾ خطيب مقرر ٿيو. گڏوگڏ عمرڪوٽ جي گوليمار واري علائقي ۾ مدرسو ولهيٽ جي شاخ قائم ڪري ديني تعليم ڏيندو رهيو. مولانا صاحب تفسير، حديث، فقه، اصول فقه، منطق ۽ ادب ۾ ڪمال جو استاد هجڻ سان گڏ تصوف ۾ دسترس رکندو هو، ادب سان کيس گهرو لڳاءُ هو. هن صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ صوفي صادق فقير جي رسالن جي تشريح ۽ عالمگير بادشاھہ جي ڌيءَ زينب النساءَ ‘مخفي’ جي ‘ديـوان مـخـفــي’ جـو سـنڌيءَ ۾ ترجمـو پڻ ڪـيـو. مولانا جماليءَ جي حياتيءَ ۾ سندس شخصيت بابت دوستن، عالمن ۽ اديبن پاران لکيل مضمونن تي مشتمل ڪتاب ‘هاڙهي ڌڻي هوت’ جلال ڪوريءَ مرتب ڪيو، جيڪو 2016ع ۾ سامي فائونڊيشن عمرڪوٽ پاران ڇپيو.‘ديوان مخفي’ جو سنڌي ترجمو 2017ع ۾ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپيو.مولانا عبدالرحمان دين جي روشنيءَ ۾ فيصلن ڪرڻ جو ماهر هجڻ سان گڏ اعليٰ پايي جو مقرر هو. فتويٰ نويسي ۾ پڻ ڪمال هئس. اڪثر عالم منجهيل معاملن کي وٽس کڻي اچي فتوائون وٺندا هئا. پاڻ سنڌ دوست انسان هو، ڪالاباغ ڊيم خلاف فتويٰ پڻ جاري ڪئي هئائين، جنهن کانپوءِ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي عالمن ڊيم جي مخالفت ڪرڻ سان گڏ ڊيم مخالف تحريڪ ۾ پڻ حصو ورتو. هندو مسلم ڀائيچارو قائم رکڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. ٻين مذهبن سان هم آهنگي سبب کيس ‘امن جو سفير’ سمجهيو ويندو هو. مولانا عبدالرحمان پهرين آڪٽوبر 2016ع تي حيدرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ ولهيٽ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2016.10.01  عيسوي

مولانا عبدالرحمان جمالي 1934ع ڌاري بلوچستان جي هاڙهي نالي ڳوٺ ۾ عبدالله جماليءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. مولانا عبدالرحمان پهرين آڪٽوبر 2016ع تي حيدرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ولهيٽ ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالحسن ڏاهري
شريف المجاهد پروفيسر
روح ﷲ بکري
صادق سومرو مولانا
امام ابو دائود
شھمير شاھہ مٽياروي سيد
حاجي عبدالله مولوي
سيد عبدالخالق جيلاني
عبدالعزيز شاھہ بخاري مولانا
مولانا محمد حسين جان سرهندي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون