عبدالرحمان شھيد: مخدوم عبدالرحمان کهڙن واري جي مسجد ۽ مقبرو تعلقي گمبٽ ۾ آهي. مخدوم شھيد ڪلهوڙن جي دور ۾ تمام وڏو عالم هو. سندس صاف گوئيءَ سبب وقت جا حڪمران سندس مخالف ٿي پيا. سنڌ ۾ ان وقت حڪومت ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هئي. ميان نور محمد روهڙيءَ جي ساداتن جي خلاف ٿي پيو تہ شھيد عبدالرحمان خداآباد ويو ۽ نور محمد ڪلهوڙي کي بازپرس ڪئي تہ هو روهڙيءَ جي ساداتن کي تنگ نہ ڪري. ميان نور محمد انهيءَ ڳالھہ کي پنھنجي لاءِ بي عزتي تصور ڪندي مٿس کهڙا شريف تي ڪاھہ ڪئي. 222 ماڻهو نماز ادا ڪري رهيا هئا، انهن ۾ مخدوم عبدالرحمان بہ هو. انهيءَ حملي ۾ شھيد عبدالرحمان سميت سڀني ماڻهن کي شھيد ڪيو ويو. مخدوم عبدالرحمان، ﷲ دهلوي'>شاھہ ولي ﷲ دهلوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم معين ٺٽوي، خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم ضياءُ الدين جو همعصر ۽ ساٿي هو. سندس مزار تعلقي گمبٽ ۾ آهي. مٿس قبو اڏيل آهي.