
عبدالرحمان نقاش
عبدالرحمان ‘نقاش’: شاعر، اديب، صحافي ۽ سماج سڌارڪ عبدالرحمان ‘نقاش’ جو تعلق بدين ضلعي سان هو. پاڻ تعليم جي حاصلات بعد سرڪاري ملازم بڻيو، پر ڪن سببن ڪري نوڪريءَ مان نڪرڻ بعد صحافت اختيار ڪيائين. ڪيتري ئي عرصي تائين عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين. هو بھترين شاعر، اديب ۽ صحافي هجڻ سان گڏ پنھنجي مزاج ۾ تصوف جو قائل هوندو هو. درگاھہ لنواري شريف سان سندس تعلق گهڻي عرصي تائين جڙيل رهيو. لنواري شريف ادبي ڪميٽيءَ جي جوڙجڪ سندس ڪارنامو هو، جنهن تحت ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو ڪتاب ‘لنواري جا لال’، ‘فتح الفضل’ جو علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ کان ترجمو ڪرايو ويو. ان کان سواءِ پاڻ آسودو مل چانڊواڻيءَ سان گڏجي ‘ڏکڻ ڏٺو چنڊ’ نالي سان ڪتاب پڌرو ڪيو، جنهن ۾ لنواريءَ جي بزرگن جو بيان آهي. نقاش، لنواري درگاھہ واري تڪرار بعد ڳوٺ ڇڏي وڃي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو. ڪراچيءَ ۾ صحافت سان گڏ شاعري جاري رکيائين. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شاعري ۽ ڪالم ڇپيل آهن. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي مشھور پروگرام ‘رسالو’ ۾ سندس ليک گهڻو مشھور ٿيا. هو سنڌي ادبي سنگت جو بہ فعال ڪارڪن هو. عبدالرحمان نقاش 1990ع ۾ ڪجهہ سالن لاءِ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اداري ‘سيو دي چلڊرين فنڊ- يو. ڪي’ جي هڪ پراجيڪٽ ۾، ٿرپارڪر جي شھر اسلام ڪوٽ ۾ ڪم ڪيائين. ان پراجيڪٽ مان اڳتي هلي ‘ٿرديپ’ ادارو بڻيو. عبدالرحمان ‘نقاش’ آڪٽوبر 2001ع ۾ روڊ حادثي سبب وفات ڪئي.