
عبدالرحيم ڀرچونڊي
عبدالرحيم ڀرچونڊي: سنڌ جو ناليوارو بزرگ ۽ تحريڪ آزاديءَ جو اڳواڻ پير عبدالرحيم شھيد ولد پير عبدالرحمٰن المعروف ڀورل سائين 1330ھہ/ 1912ع ۾ ڀرچونڊي شريف ۾ جنم ورتو. هي بزرگ درگاھہ ڀرچونڊي شريف جو ٽيون گادي ڌڻي هو. سندس ولادت شيخن، مشائخن جي گهراڻي ۾ ٿي، ان وقت سندس ڏاڏو پير محمد عبدالله درگاھہ ڀرچونڊي شريف جي گادي نشينيءَ واري مسند تي فائز هو. سندس خاندان کي ان وقت ديني ۽ سياسي معاملن ۾ سنڌ اندر امتيازي حيثيت حاصل هئي، سَوَن جي تعداد ۾ قرآن ۽ حديث جا طالب العلم سندن خانقاھہ تي هر وقت موجود هوندا هئا. پير عبدالرحيم شھيد کي پنجن سالن جي عمر ۾ 1335ھہ/1916ع ڌاري ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مولانا عبدالڪريم وٽ ويهاريو ويو، جنهن کيس قرآن، حديث، ناظره ۽ حفظ جي تعليم سان سرشار ڪيو. پير عبدالرحيم ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ ’شرح جامي‘ تائين سڀئي ڪتاب پڙهي ورتا ۽ فارسي نصاب پڻ ‘تحفة الاحرار’ تائين مڪمل ڪري ورتو. سندس ٻين استاد ۾ مولانا سراج احمد ۽ حافظ پير مغمور القادري جا نالا شامل آهن. پير عبدالرحيم شھيد پنھنجي ڏاڏي پير محمد عبدالله جي هٿ تي دست بيعت ٿيو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 1346ھہ/ 1927ع ڌاري سندس دستاربندي ڪئي وئي. سندس دستاربنديءَ واري رسم کان ستت پوءِ سندس ڏاڏو لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن کانپوءِ سندس والد پير عبدالرحمان المعروف ‘ڀورل سائين’ ڀرچونڊي جي درگاھہ جو گادي نشين ٿيو. پير عبدالرحيم هڪ روحاني بزرگ هجڻ سان گڏوگڏ تحريڪ آزاديءَ جو بہ هڪ متحرڪ اڳواڻ هو. جنهنڪري ڪافي تڪليفون پڻ برداشت ڪيائين. ايتريرقدر جو مٿس قاتلاڻا حملا پڻ ٿيا. ورهاڱي کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ هندو مسلم فساد ٿيڻ ڪا نئين ڳالھہ نہ هوندي هئي، جيتوڻيڪ هندو ۽ مسلمانن وچ ۾ مذهب جي نالي تي ننڍا ننڍا فساد تہ ٿيندا رهندا هئا، پر باقاعدي وڏن فسادن جي شروعات 1927ع ۾ لاڙڪاڻي واري هندو- مسلم تنازعي کان ٿي، جنهن جا خوني اثرات سڄي سنڌ ۾ ڦهلجي ويا. انهن فسادن جو اهم بنياد سنڌ کي بمبئيءَ کان ڇوٽڪارو ڏياري الڳ صوبو ڪرڻ وارو مطالبو هو. جيئن تہ پير عبدالرحيم سنڌ جي آزاديءَ واري نظريي جو حامي هو ۽ پنهنجون سموريون ڪوششون سنڌ کي هڪ مستقل صوبو بڻائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون هئائين. سنڌ جي هن ﷲ لوڪ بزرگ ۽ تحريڪ پاڪستان جي بيباڪ مجاهد کي 21 سيپٽمبر 1970ع جي شام جو ڪجهه شرپسند عنصرن شھيد ڪري ڇڏيو، سندس آخري آرامگاھہ ڀرچونڊي شريف ۾ آهي.