عبدالرحيم ڪلهوڙو، ميان: مشھور خطاط ميان عبدالرحيم ولد ميان علي 1800ع ڌاري ڀاوند لاکا، تعلقي قنبر، ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هيءُ پنھنجي وقت جو نامور خطاط ٿي گذريو آهي. هن قرآن مجيد جا ڪيترائي نسخا ڪتابت ڪيا. هيءُ نامور بزرگ ميان صابر فقير جو سئوٽ هو. هن جا ننڍپڻ ۾ پنھنجي سئوٽ سان خوشنويسيءَ جا ڪيترائي دلچسپ مقابلا ٿيا. مقابلن ۾ جج ميان سڄڻ ٿيندو هو. جيڪو پڻ خطاط هو. ميان عبدالرحيم خوشنويسيءَ جي سکيا پنھنجي ڏاڏي ميان سڄڻ کان ورتي. هن قرآن مجيد کان سواءِ فارسيءَ ۾ ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ بہ خطاطي ڪئي. هن جوانيءَ ۾ديھہ ڪلر، تعلقي قنبر ۾ هڪ ڳوٺ ٻَڌايو. جيڪو اڄ عبدالرحيم ڪلهوڙي جي نالي سان آباد آهي. هن 1891ع ۾ وفات ڪئي. کيس پنھنجي آبائي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس هڪ پٽ لونگ بہ سٺو خطاط ٿي گذريو آهي.