مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي درگاهه
عبدالرحيم گرهوڙي، شهيد: مخدوم ميون شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ولد سعدالله مڱريو، 1152هه مطابق 1739ع ۾ ضلعي سانگھڙ جي تعلقي کپري جي ڳوٺ واڙ ۾ جنم ورتو. موجوده گرهوڙ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ سبب گرهوڙي سڏجڻ لڳو. ابتدائي تحقيق مطابق ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو پنهنجي اهم ڪتاب ‘ڪلام گرهوڙي’ (1956ع) ۾ لکي ٿو ته، “گرهوڙي صاحب جي ڄم جي پوري خبر ناهي، پر جنهن صورت ۾ سندس شهادت 1192هه/1778ع ۾ واقع ٿي ۽ ان وقت سندس عمر چاليهه سال هئي، تنهن صورت ۾ قوي گمان آهي ته سندس ولادت 1152هه/1739ع ڌاري ٿي هوندي. ڪٿي ڄائو ۽ ڪيئن نپنو. تنهن جو به پورو پتو ڪونه ٿو پوي. امڪان آهي ته سندس جنم خيرپور رياست جي مشهور شهر راڻيپور ۾ ٿيو هوندو.” اڳتي صفحي نمبر 60 تي ڊاڪٽر دائودپوٽو لکي ٿو، “تازو ڊاڪٽر بلوچ جي هڪ انگريزي مقالي مان معلوم ٿيو ته مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، کپري تعلقي جي راڙ ڳوٺ ۾ ڄائو هو.” اتفاقي امر آهي ته مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ بابت بنيادي معلومات ملڻ ۾ دشواري پيش آئي آهي، جڏهن ته هو پنهنجي وقت جو هاڪارو جيد عالم، اسلامي شريعت جو مبلغ، مفڪر ۽ شاعر هو. ملتان کان ٺٽي تائين جا عالمَ ساڻس مباحثي ۽ مناظري ۾ بيهي نه سگھندا هئا. فقھ تي کيس ملڪو حاصل هو. جهڙي تهڙي کي ڪين مڃيندو هو ۽ هميشه پنهنجي اجتهاد تي هلندو هو. سندس روحاني رغبت سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان لواريءَ واري ڏانهن هئي. سڄي حياتي سندس صحبت ۽ عقيدت ۾ گذاري، وڏي خليفي جو مرتبو حاصل ڪيائين. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ابتدائي ظاهري تعليم ان وقت جي ديني علمي مرڪز ‘چوٽياريون’ ڳوٺ ۾ ميين محمد مبين ڪِيريي وٽان حاصل ڪئي. ‘فردوس العارفين’ جو مؤلف لکي ٿو، “ننڍي وهيءَ کان ڪتابن پڙهڻ ۾ مشغول هوندو هو ۽ جيڪو ساڻس مباحثو ۽ مناظرو ڪندو هو، تنهن تي غالب پوندو هو.” مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي درگاهه گرهوڙي صاحب ظاهري علمن تي عبور رکندي به هميشه باطن ڏي مائل هوندو هو ۽ کيس ڪنهن باڪمال روحاني بزرگ سان ملڻ ۽ ان جي صحبت ۾ رهڻ جو خيال دامنگير هوندو هو. هڪ روايت موجب ٻارنهن مهينا صوفي شاهه عنايت شهيد جي خاص خليفي ميان ابن سمي ‘اوڙاهه’ جي صحبت ۾ جھوڪ شريف جي درگاهه تي گذاريائين ۽ وٽانئس گھڻو فيض پرايائين. آخر ۾ خليفي ابن سمي، گرهوڙي صاحب کي چيو ته، “اسان کان جيڪا خدمت پڳي، سا ڪئي سون، هاڻي وڃو لواري شريف، جتي اوهان جي عقده ڪشائي ٿيندي.” شيخ عبدالرحيم گرهوڙي اسلام جو شيدائي ۽ فقھ جي معاملي ۾ پڻ سختگير هو. کيس فقھ جي عام ڪتابن تي اعتماد نه هوندو هو ۽ پنهنجي علم عقل، فهم فراست ۽ اجتهاد مطابق فقھ تي عمل ڪندو هو. ‘فردوس العارفين’ ۽ ‘مرغوب الاحباب’ نالي ڪتابن ۾ انيڪ روايتون قلمبند ڪيل آهن. وقت جي عالمن جي مخالفت کيس برداشت ڪرڻي پئي، جن سندس خلاف فتوائون لکيون ۽ اتفاق ڪيائون ته کيس تعذير ڏيون، جو هو بي شرع ڳالهيون پيو ڪري. سندن چرچ تي وقت جي حاڪم، عبدالرحيم گرهوڙيءَ کي دارالسلطنت خداآباد ۾ گهُرائي، عالمن سان مناظرو ڪرايو. گرهوڙي صاحب جي اچڻ جو ٻڌي شهر جا اڪابر، درٻار جا امير ۽ مشير به اچي مسجد ۾ گڏ ٿيا. مباحثو ٻپهريءَ کان ٽپهريءَ تائين هليو. عالمن ڪتاب کولي سوال پي پڇيا ۽ گرهوڙي صاحب انهن جا شڪ ۽ شبها قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ پي رد ڪيا. نيٺ عالم سوال ڪرڻ ۽ جواب ڏيڻ کان عاجز ٿيا ته مناظري جي امين ظاهر ڪيو ته، “بدعت هن شخص وٽ ڪٿان آئي، هي ته خود قرآن ۽ حديث جو نور آهي.”شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي شهادت 1192هه/ 1778ع ۾ مهاديو جي مڙهيءَ خلاف وڙهندي ٿي، مرغوب الاحباب مطابق، “سچن دوستن کان روايت آهي ته گرهوڙ کان سٺ ميل پري ريگستان ۾ هڪ بتخانو هو، جتي طرحين طرحين جون بڇڙايون ٿينديون هيون ۽ حضرت شيخ صاحب جن کي هميشه سعيو هوندو هو ته انهيءَ بت خاني کي ڊهرائجي.” مخدوم محمد عاقل کهڙائيءَ پنهنجي تاريخ ‘گنجينه جهان نما’ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته واٽ ويندي مخدوم صاحب کي ڪنهن شخص چيو ته حضرت اوهان وٽ ٿورڙا ماڻهو آهن ۽ جوڳيءَ وٽ چيلا گھڻي انداز ۾ رهن ٿا، پوءِ توهين انهن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگھندؤ؟ تنهن تي فرمايائين ته: ادا! جي هوءَ مڙهي ڀڳي ته به فتح اسان جي، پر جي هيءَ مڙهي (جسم) ڀڳي ته به فتح اسان جي ...! مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ ڪل چاليهه ورهيه ڄمار ماڻي، پر پنهنجي سڄي ڄمار بامقصد گذاريائين. مخدوم گرهوڙيءَ کي سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ تي وڏي مهارت حاصل هئي، جيڪا سندس تصنيفن مان نشانبر ٿئي ٿي. انهن تصنيفن ۾ ‘فتح الفضل’ اهم آهي، جنهن ۾ مخدوم گرهوڙيءَ، حضرت خواجه محمد زمان جي 446 چونڊ مقولن جي عربيءَ ۾ شرح لکي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ڪيو، جو لنواري جماعت پاران ڇپيو آهي. گڏوگڏ گرهوڙي صاحب، خواجه محمد زمان جي بيتن جي مجموعي ‘ابيات سنڌي’ جي پڻ عربيءَ ۾ شرح لکي، جنهن کي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي سنڌي شرح سان 1939ع ۾ شايع ڪرايو. ان کان سواءِ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪتابن ۾ 2 فارسي تصنيفون ‘رساله گل نما’ ۽ ‘مڪتوبات’ ۽ هڪ سنڌي تصنيف پنهنجي ڪلام تي مشتمل ‘مجموعه سنڌيات’ شامل آهن. ‘مجموعه سنڌيات’ وارو مواد ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ايڊٽ ڪري شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو ڪلام نالي سان 1956ع ۾ ڇپرايو. هي ڪتاب وري وري ڇپجندو رهيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”گرهوڙي صاحب جو سڄو ڪلام غالباً سلامت نه رهيو آهي، پر باوجود ان جي اعلى فڪر ۽ معنى وارن منظومين کان سواءِ به، رسالي جي 17 سُرن (ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، رامڪلي، آسا، بروو سنڌي، سسئي، سهڻي، مومل راڻو، ڪاموڏ، ڪيڏارو، سارنگ، رپ، ڏهر، ڪاپائتي، پرڀاتي، ڪارايل، ڌناسري) تي مشتمل آهي، جن ۾هڪ سو پنجهٺ (165) بيت موجود آهن، جيڪي سندس اعلى انفرادي فڪر ۽ انوکي ۽ اثرائتي اسلوب بيان تي شاهد آهن. مٿين تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ پنهنجي ڪلام کي سُرن ۾ ترتيب ڏنو ۽ انهن تي موضوع ۽ راڳ مطابق اهي ساڳيا نالا رکيا، جيڪي شاهه جي رسالي ۾ اڳ ۾ ئي موجود هئا. ان هڪجهڙائيءَ جي بنياد تي ان ڳالهه جو قوي امڪان آهي ته شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ابتدائي قلمي نسخي تائين رسائي حاصل هئي، جنهن جو هن نه رڳو دل جي گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو، پر گھڻو اثر پڻ ورتو. اهو ئي سبب آهي جو مخدوم گرهوڙي، شاهه لطيف جي ڪلام بابت بيحد عقيدت ڀريو اظهار ڪيو آهي: آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمانُ، پڙهيائين پريت مان، باريءَ جو بيانُ، جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو. شاهه لطيف جي وصال وقت (1165هه/ 1751ع) مخدوم گرهوڙيءَ جي عمر 13 سال کن هئي، پر انهيءَ ننڍي وهيءَ ۾ ئي علم ۾ اڪابر هو ۽ الاهي ڏات حاصل هئس، تنهنڪري گھڻو ممڪن آهي ته مٿس انهيءَ ابتدائي زماني ۾ شاهه لطيف جي ڪيميائي نظر مٿس پئي هجي ۽ مخدوم گرهوڙي رچي ريٽو لال ٿيو هجي. هڪ روايت آهي ته هڪ ڀيري شاهه لطيف ڪنهن ڳوٺ جي مسجد ۾ جماعت جي زور تي سومهڻيءَ جي نماز پڙهائي. جماعت ۾ عالمن جي گھڻائي هئي، جن ۾ مخدوم گرهوڙي به شامل هو. پهرين رڪعت ۾ رڪوع ڪرڻ مهل، پنهنجو منهن اتر طرف ڦيريائين ۽ اهڙيءَ طرح هر رڪعت ڀيري پنهنجو منهن نئين طرف ڦيريندا رهيا، تان جو آخري رڪعت قبلي طرف منهن ڪري نماز پوري ڪيائون. مخدوم گرهوڙيءَ کانسواءِ ٻين عالمن شاهه لطيف جي پيش امامت کان الڳ ٿي نماز پوري ڪئي. نماز کانپوءِ جماعتين مخدوم گرهوڙيءَ کان شاهه لطيف جي نماز پڙهڻ واري طريقي جو سبب معلوم ڪيو. جنهن تي مخدوم گرهوڙيءَ چيو ته توهان کي ان مام جي ڪهڙي خبر؟ هر رڪعت وقت ملائڪ سڳورن ڪعبة الله کي ڦيرائي جدا جدا طرفن تي ٿي بيهاريو، تنهنڪري نماز قبول ٿي ته اسان ٻن ڄڻن جي.مٿين روايت بابت ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو لکي ٿو ته: ”هيءَ ڳالهه عام مشهور آهي، مون پڻ پنهنجي مرحوم چاچي ميان نظام الدين (ننده) جي واتان ٻڌي هئي، اگرچه اهڙيون ڳالهيون ٻنهي بزرگن جي عمر ۾ وڏي ويڇي هئڻ سبب وسهڻ جوڳيون ناهن.“ وڌيڪ لکي ٿو: “شاهه عبداللطيف جي وفات وقت شيخ عبدالرحيم صاحب جي عمر 13 سال هئي، تنهنڪري مان نه ٿو ڀانيان ته انهيءَ اوسٿا اندر ڪو گرهوڙي صاحب ايڏي روحاني اوج ۽ ولايت کي رسيو هوندو، جو شاهه لطيف کيس سوغاتون ڏياري موڪلي. اها روايت ۽ ٻيون ڳالهيون جي عوام جي وات ۾ آهن، سي خوش اعتقاديءَ جو نتيجو آهن. باقي نهايت ممڪن آهي ته گرهوڙي صاحب ننڍي وهيءَ ۾ شاهه لطيف جي زيارت ڪري، سندس صحبت مان مستفيض ٿيو هجي.”روايت آهي ته شاهه لطيف مخدوم گرهوڙيءَ ڏانهن سوکڙيءَ طور هڪ تلوار موڪلي ڏني هئي، جيڪا اڄ تائين درگاهه گرهوڙي شريف جي سجاده نشين وٽ موجود آهي. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو پنهنجي تصنيف ’ڪلام گرهوڙي‘ ۾ لکي ٿو، ”حڪيم معين الدين صاحب گلچين هالائيءَ کان هيءَ روايت آهي ته هڪ ڀيري شاهه لطيف پنهنجي ڪنهن مريد هٿان هيٺيون سوال ميين عبدالرحيم ڏي جواب لاءِ ڏياري موڪليو: جو مڙني موچارو، سو آهي ڪڄاڙو؟ ميين عبدالرحيم هي جواب ڏياري موڪليو: هڪڙي صحت سرير جي، ٻيو پرينءَ جو پاڙو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو وڌيڪ لکي ٿو ته: ”فرض ڪري وٺجي ته شاهه عبداللطيف ۽ ميين عبدالرحيم جي پاڻ ۾ ملاقات نه ٿي، ليڪن ان ڳالهه ۾ ذري جو به شڪ نه آهي ته شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو اثر شيخ عبدالرحيم جي ڪلام تي گھڻي قدر پيو آهي.“ معمور يوسفاڻي پنهنجي تصنيف ’ڍوليو ڍٽ ڌڻي‘ ۾ مخدوم گرهوڙيءَ بابت هن ريت رقم طراز آهي: ”اسان کي سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙن ڪافي بزرگن جو تذڪرو ملي ٿو، جيڪي 9-10 سالن جي عمر ۾ درس نظاميءَ جو سمورو ڪورس مڪمل ڪري، وقت جي عالمن کي لاجواب ڪري چڪا هئا. حضرت گرهوڙي به اهڙن بزرگن مان هڪ هو ۽ پاڻ ننڍي عمر ۾ ئي سڀ ظاهري علم مڪمل ڪري، باطن جي تلاش ۾ رهيو. گرهوڙي صاحب جيتوڻيڪ هڪ نرالي رنگ وارو ۽ اونهي فڪر وارو شاعر هو، سندس شعر کي پروڙڻ لاءِ ڪيئي پنڌ ڪرڻا پوندا آهن، ته به سندس ڪلام جو ڪجھه حصو اهڙو آهي، جو ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جي اثر هيٺ آهي. ڪجھه چٽا مثال ڏجن ٿا: شاهه لطيف: پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو (سر ڪلياڻ، 2/10، ص: 72) سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتيڻو (سر ڪلياڻ، 2/4، ص: 71) مخدوم گرهوڙي: پهرين ڪنڌ ڪاٽيج، پڇج پوءِ پريتڻو (سر ڪلياڻ، /5 ص256، ڪلام گرهوڙي) شاهه لطيف: هڻ حبيب هٿ کڻي، ٿيڪ مَ ٿورو لاءِ پريم! تنهنجي گھاءِ، مران ته مانُ لهان. (سر يمن ڪلياڻ، 1/6، ص: 86) مخدوم گرهوڙي: هڪ جو هڻي هٿ کڻي، ٻئو جو جھلي گھاءُ انهين سرڪي ساءُ، اهي ڄاڻن ٻه ڄڻا. (سر يمن ڪلياڻ، /8، ص: 258، ڪلام گرهوڙي) شاهه لطيف سر رامڪليءَ ۾ جوڳين/ سنياسين لاءِ فرمائي ٿو: آسڻ وٽ آهون ڪريان، وس نه منهنجي واتُ لڳم لاهوتين جو، منجھان ڪينر ڪاتُ هلڻ کي هيهاتُ، آئون نه جيئندي ان ريءَ. (سر رامڪلي، 1/20، ص: 781) مخدوم گرهوڙي لاشڪ ته اهڙي ساڳي ڪيفيت پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان جي جدائيءَ ۾ محسوس ڪئي آهي: جوڳي پنهنجي جوءِ ويا، ٿا جُھڙ جيئن نيڻ جھمن، سخن ساميئڙن جا، ٿا هينئڙي منجھه هرن، سـڄــو مــوت مـڱــن، اڌ ڪـٺـا آرام لـئـه. (سر رامڪلي/2، ص: 262، ڪلام گرهوڙي) ڏٺو وڃي ته مخدوم گرهوڙيءَ جو سر رامڪلي، شاهه لطيف جي سر رامڪليءَ جو عڪس آهي ۽ سڄو شاهه جي ڪلام جي اثر ۽ اتساهه جو سڀاويڪ ڦل آهي. ان جو هڪ اهم اهڃاڻ اهو به آهي ته مخدوم گرهوڙيءَ جو فڪر ۽ مزاج جوڳي تهذيب سان لاڳاپيل نه هو ۽ نه ئي هن شاهه لطيف وانگر جوڳين/ ويراڳين سان سفر ڪيو هو. شاهه لطيف جوڳين جي فڪر جي وسعت، قدامت ۽ پائداريءَ بابت فرمائي ٿو: لنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن نه مَسحو، جا اسلامان اڳي هئي، سا سـُڻائون ٻانگ، سامي ڇڏي سانگ، گڏيا گورکناٿ کي. (سر رامڪلي، 7/14، ص: 810) مخدوم گرهوڙي جيتوڻيڪ صاحب شريعت ۽ وحدت الشهود واري فڪر جو سختگير فقير هو، پر هن شاهه لطيف جي فڪر جي مڪمل اثر ۾ هجڻ جي ڪري جوڳين جي فڪري وسعت کي ذهني ۽ دلي وسعت سان اظهاريو آهي. سوئي اوڇڻ انگڙين، سوئي کاڄ سندونِ، ڪفر ۽ اسلام کان، پري پير پيونِ، تتي واهيرونِ، جتي رات نه ڏينهن ڪو. (سر رامڪلي، /36، ص: 270) مخدوم گرهوڙيءَ جي مٿئين بيت جي پس منظر ۾ شاهه لطيف جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو. جتي عرش نه اڀ ڪو، زمين ناهه ذرو، نه ڪو چاڙهائو چنڊ جو، نه ڪو سج سرو، اتي آديسين جو، لڳو دنگ درو، پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون ناهه ۾. (سُر رامڪلي، 9/45، ص: 825) مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ سر رامڪليءَ ۾ جنهن حد تائين به پنهنجي ڳوڙهي ڪلام جي ذريعي ذهن ۽ دل جي اڻکٽ وسعت کي ڇهيو آهي، شاهه لطيف کانئس اڳ ان کان گھڻو اڳتي سفر ڪري چڪو هو، ان جا اهڃاڻ اهي فڪري نظارا آهن، جيڪي فقط شاهه لطيف وٽ ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيئن: ‘نانگا نانيءَ هليا’، ‘گڏيا گورکناٿ کي’، ‘ويا رمندا رام ڏي’، ‘نانگا! ناٿ نهار’ جهڙا غير معمولي خيال مخدوم گرهوڙيءَ جي ڪلام ۾ به ملن ٿا. ان جو هڪ اهم ڪارڻ صوفي مسلڪ به آهي، جنهن سان هو لاڳاپيل هو، جنهن تي سختيءَ سان ڪاربند رهندي کيس شهادت نصيب ٿي. ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعارا ۽ تشبيهه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو’ ۾ ان نتيجي تي پهتي آهي ته گرهوڙي شهيد بلڪل ساڳيو مضمون بيان ڪيو آهي، ڪٿي ساڳيا شاهه سائينءَ وارا لفظ ته ڪٿي سندس اڌ يا سڄي مصرع تضمين طور استعمال ڪئي اٿس. مثال طور: شاهه لطيف فرمائي ٿو ته: نـا اُمـيـدي آجـڪـو، اوڇـــڻ آديـسـيـن، ڪڏهن تازيءَ پٺ تي، ڪڏهن هيٺ هـلـن، ساميئڙا سـمـونڊ ۾، تـنبـي جـيـئـن تــرن، جي واڳونءَ وات وڃن، تان ڪسن ڪڇن ڪينڪي. (سر رامڪلي، 5/11، ص: 801) مخدوم گرهوڙيءَ، شاهه لطيف جي ان مضمون کي ٻن بيتن ۾ بيان ڪيو آهي: نا اميدي آجڪو، جيجان جوڳيئڙن، سناسي سمونڊ ۾، تنبي جيئن ترن، سدا سک وسن، تارڪي تدبير جا. (سر رامڪلي، /23، ص: 267، ڪلام گرهوڙي) جن دل لائي دل سين، سي سدائين سرها، تهڙا تازي پٺ تي، تهڙا هيٺ هليا، جي واڳونءَ وات ويا، ته پڻ هنج حبيب جي. شاهه لطيف سر آسا ۾ فرمائي ٿو: سڄڻ سنئيون ڪن، لوڪان ليکي ونگيون، سنديون سپرين، پرون پروڙڻ ڏاکڙو. (سر آسا، 3/20، ص: 717) شهيد گرهوڙي انهيءَ خيال کي هن ريت اظهاريو آهي: لوڪ لهواريو لڏيو، اوڀر آديسين سڄڻ سنيون ڪن، لوڪ ليکي ونگيون. (سر رامڪلي/33، ص:269، ڪلام گرهوڙي) ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه مطابق مخدوم گرهوڙيءَ جي شاعريءَ جي مضمون ۾ ڪتب آندل ڪردارن جي تمثيلي ۽ استعاراتي استعمال تي شاهه لطيف جو گهرو اثر آهي. مثال طور: سر ڪيڏاري ۾ شاهه لطيف ڪربلا جي سرزمين تي امامن سڳورن جي بهادري ۽ حوصلي سان وڙهڻ تي انهن لاءِ شير يا شينهن جو استعارو استعمال ڪيو آهي، جيئن:ڪامل ڪربلا ۾، آيا سيد شير. (سر ڪيڏارو، 2/6، ص: 664) عليءَ شير وياءَ، رڻ ۾ پين راتڙي. (سر ڪيڏارو، 4/1، ص: 669) شير شهزادي لڏيو، سيد سيج نه ماڻي، مومنا ماتام واويلا! (سر ڪيڏارو، 5/وائي، ص: 675) مخدوم گرهوڙيءَ پڻ سر ڪيڏاري ۾ شير جو استعارو امامن سڳورن جي بهادريءَ سان وڙهڻ جي ڪري ڪم آندو آهي. شير شهادت رسيا، ماتم مسڪينن. (سر ڪيڏارو/ 3، ص: 289، ڪلام گرهوڙي) ڪربلا ۾ ڪوچ ٿيو، لائون لهن شير. (سر ڪيڏارو/ 5، ص: 289، ڪلام گرهوڙي) سر پرڀاتيءَ جي هڪ بيت ۾ شهيد گرهوڙيءَ، شاهه لطيف جو اثر وٺندي اهائي تمثيل بيان ڪئي آهي ته ٻانهي کي پنهنجي رب تعالى آڏو پنهنجي عبادت ۽ پرهيزگاريءَ تي ناز ۽ هٺ نه ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته ڪائنات جو خلقڻهار انهن مڙني ڳالهين کان بي نياز آهي ۽ هن کي انسان جي نوڙت، نيازمندي ۽ انڪساريءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي شيءِ قريب نه آهي. شاهه لطيف سر پرڀاتيءَ ۾ فرمائي ٿو: ڄاڻين ته په نه ڄاڻ، ايءُ درُ اٻوجھن جو، اِن در سي ئي اگھيا، جن نه ڀانئيو پاڻ، ريجھاڻو راڄاڻ، آهي اٻوجھن جو. (سر پرڀاتي، 1/14، ص: 860) هي ‘راڄاڻ’ جڳ جي پالڻهار ۽ رازق رب لاءِ استعارو ٿيو آهي، جيڪو انهن خاڪسارن سان ريجھي ٿو، جيڪي تڪبر تي تڪيو نه ٿا ڪن. شهيد گرهوڙيءَ جي هيٺ ڏنل بيت مان واضح ٿئي ٿو ته هن نه رڳو شاهه لطيف جي فڪر ۽ ڏاهپ جي پيروي ڪئي آهي، گڏوگڏ لفظن ۽ لهجي کي به اختيار ڪيو آهي. ڄاڻ وڃايو ٽاڻن، ڪيرت راهه ڪم ڪيو، ان در ايندڙي مڱڻا! پاڻ مَ کڻج ساڻ، روجھاڻي راڄاڻ، آهي اٻوجھن جو. (سر پرڀاتي/1، ص: 291، ڪلام گرهوڙي) ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاهه مطابق هتي ڪيرت ڪندڙ مڱڻو عبادت گذار بندي لاءِ ۽ سخي سردار سپڙ (جنهن کي ٻيلي ڌڻي يا رونجھاڻي راڄاڻ به چيو ويو آهي) مستعار ٿيو آهي، جڳ جي پالڻهار ۽ رزق رسائيندڙ رب لاءِ، جيڪو اٻوجھن جو مددگار آهي. مخدوم گرهوڙيءَ سر سسئيءَ، سر مومل راڻو توڙي سر سهڻيءَ ۾ ڪردارن توڙي ارضياتي اهڃاڻن کي شاهه لطيف واري استعاري ۾ اظهاريو آهي. خاص ڪري سر سهڻيءَ ۾ شاهه لطيف جي استعاري جو استعمال ڪري مخدوم گرهوڙيءَ جتي فڪري اثر قبوليو آهي، اتي هن شاهه لطيف جي انقلابي فڪر کي سماجي سطحن تي ناماچاري ۽ قبوليت کي مڃيو. ڇاڪاڻ ته شاهه لطيف سر سهڻيءَ ۾ سهڻيءَ جي ڪردار ۽ سندس ميهار سان ازلي نينهن جو دفاع ڪيو آهي. شاهه لطيف جي ان غير رواجي رويي مان واضح ٿئي ٿو ته ان وقت جي سختگير ۽ ظاهر پرست مذهبي ڌرين سان وڏي ٽڪراءَ ۾ هو. حڪومتي ڪارندا پڻ انهن مذهبي ڌرين جي اثر ۽ طاقت کان هيسيل هئا ۽ انهن سان ٻٽ هئا. پر شاهه لطيف هڪ انقلابي، صوفي ۽ محب وطن شاعر جي حيثيت ۾ پنهنجي فڪر سان ۽ پنهنجي ڪلام سان ٻڌل رهيو. شاهه لطيف جي اڏولتا ان مان به ظاهر ٿئي ٿي ته دين اسلام جو شيدائي شهيد عبدالرحيم گرهوڙي، جيڪو شريعت ۽ فقهه جو وڏو عالم به هو، تنهن شاهه لطيف جي تخيل جي بلند پرواز کي سمجھيو، قبوليو ۽ ان مان متاثر ٿي پنهنجو ڪلام چيو. هيٺ ڪجھه مثال ڏجن ٿا: شاهه لطيف فرمائي ٿو: توڏيءَ کي تعظيم، ٻين سڀنئا اڳري، وڏي ٿي الف کي، من گڏيائين سين ميم، جيلانهن ذات حليم، ملي تي ميهار کي. (سر سهڻي، 3/9، ص: 231) مخدوم گرهوڙي مٿئين خيال جي تتبع تي فرمائي ٿو: اوڏو ٿي الف کي، نسبت نهاريج، منجھيون ڌڻ ڌاريج، جتي ساهڙ سوجھرو. (سر سهڻي، /1، ص: 285) شاهه لطيف سهڻيءَ جي وجود ۾ پيدا ٿيل بيقراري ۽ ميهار سان ملڻ جي خواهش کي ظاهر ڪندي لکي ٿو: اديون! سڀ اندام، چڙن منجھان چوريا، لارن جا لئون لائيي، سا ڪيئن آڇيان عام، لڳيس جنهن جي لام، سو دلاسا دوست مهي. (سر سهڻي، 4/1، ص: 236) شهيد گرهوڙيءَ شاهه لطيف جي ڪلام جو اثر وٺندي ساڳئي ئي قافيي ۾ هن ريت بيت رچيو آهي: سهڻي ساهه پرينءَ ڀر، اوريين ڀر آندام، من ۾ ميهارن جي، قابو لڳيس ڪام، پئي ساهڙ سامَ، ڏکان ڇٽي ڏم جي. (سر سهڻي1/ 2 ص: 285) شهيد گرهوڙي صاحب اڳڪٿين جي حوالي سان به مشهور هو. سندس ڪجهه اڳڪٿيون پوريون به ٿيون آهن. شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو سنڌ بابت هڪ بيت نهايت ئي مقبول رهيو آهي، جنهن ۾ هن ڪابل ۽ قنڌار کان ايندڙ ڦورن بابت فڪرمند ٿيندي چيو آهي ته: جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي ڪنڌارئون جوکو.