
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي درگاهه
عبدالرحيم گرهوڙي، شھيد: مخدوم ميون شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ولد سعدالله مڱريو، 1152ھہ مطابق 1739ع ۾ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري جي ڳوٺ واڙ ۾ جنم ورتو. موجودہ گرهوڙ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ سبب گرهوڙي سڏجڻ لڳو. ابتدائي تحقيق مطابق ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو پنھنجي اهم ڪتاب ‘ڪلام گرهوڙي’ (1956ع) ۾ لکي ٿو ته، “گرهوڙي صاحب جي ڄم جي پوري خبر ناهي، پر جنهن صورت ۾ سندس شهادت 1192ھہ/1778ع ۾ واقع ٿي ۽ ان وقت سندس عمر چاليھہ سال هئي، تنهن صورت ۾ قوي گمان آهي تہ سندس ولادت 1152ھہ/1739ع ڌاري ٿي هوندي. ڪٿي ڄائو ۽ ڪيئن نپنو. تنهن جو بہ پورو پتو ڪونه ٿو پوي. امڪان آهي تہ سندس جنم خيرپور رياست جي مشھور شھر راڻيپور ۾ ٿيو هوندو.” اڳتي صفحي نمبر 60 تي ڊاڪٽر دائودپوٽو لکي ٿو، “تازو ڊاڪٽر بلوچ جي هڪ انگريزي مقالي مان معلوم ٿيو تہ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، کپري تعلقي جي راڙ ڳوٺ ۾ ڄائو هو.” اتفاقي امر آهي تہ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ بابت بنيادي معلومات ملڻ ۾ دشواري پيش آئي آهي، جڏهن تہ هو پنھنجي وقت جو هاڪارو جيد عالم، اسلامي شريعت جو مبلغ، مفڪر ۽ شاعر هو. ملتان کان ٺٽي تائين جا عالمَ ساڻس مباحثي ۽ مناظري ۾ بيهي نہ سگهندا هئا. فقھ تي کيس ملڪو حاصل هو. جهڙي تهڙي کي ڪين مڃيندو هو ۽ هميشہ پنھنجي اجتهاد تي هلندو هو. سندس روحاني رغبت سلطان الاولياءَ خواجہ محمد زمان لواريءَ واري ڏانهن هئي. سڄي حياتي سندس صحبت ۽ عقيدت ۾ گذاري، وڏي خليفي جو مرتبو حاصل ڪيائين. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ابتدائي ظاهري تعليم ان وقت جي ديني علمي مرڪز ‘چوٽياريون’ ڳوٺ ۾ ميين محمد مبين ڪِيريي وٽان حاصل ڪئي. ‘فردوس العارفين’ جو مؤلف لکي ٿو، “ننڍي وهيءَ کان ڪتابن پڙهڻ ۾ مشغول هوندو هو ۽ جيڪو ساڻس مباحثو ۽ مناظرو ڪندو هو، تنهن تي غالب پوندو هو.” مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي درگاھہ گرهوڙي صاحب ظاهري علمن تي عبور رکندي بہ هميشہ باطن ڏي مائل هوندو هو ۽ کيس ڪنهن باڪمال روحاني بزرگ سان ملڻ ۽ ان جي صحبت ۾ رهڻ جو خيال دامنگير هوندو هو. هڪ روايت موجب ٻارنهن مهينا صوفي شاھہ عنايت شھيد جي خاص خليفي ميان ابن سمي ‘اوڙاھہ’ جي صحبت ۾ جهوڪ شريف جي درگاھہ تي گذاريائين ۽ وٽانئس گهڻو فيض پرايائين. آخر ۾ خليفي ابن سمي، گرهوڙي صاحب کي چيو ته، “اسان کان جيڪا خدمت پڳي، سا ڪئي سون، هاڻي وڃو لواري شريف، جتي اوهان جي عقده ڪشائي ٿيندي.” شيخ عبدالرحيم گرهوڙي اسلام جو شيدائي ۽ فقھ جي معاملي ۾ پڻ سختگير هو. کيس فقھ جي عام ڪتابن تي اعتماد نہ هوندو هو ۽ پنھنجي علم عقل، فھم فراست ۽ اجتهاد مطابق فقھ تي عمل ڪندو هو. ‘فردوس العارفين’ ۽ ‘مرغوب الاحباب’ نالي ڪتابن ۾ انيڪ روايتون قلمبند ڪيل آهن. وقت جي عالمن جي مخالفت کيس برداشت ڪرڻي پئي، جن سندس خلاف فتوائون لکيون ۽ اتفاق ڪيائون تہ کيس تعذير ڏيون، جو هو بي شرع ڳالهيون پيو ڪري. سندن چرچ تي وقت جي حاڪم، عبدالرحيم گرهوڙيءَ کي دارالسلطنت خداآباد ۾ گهُرائي، عالمن سان مناظرو ڪرايو. گرهوڙي صاحب جي اچڻ جو ٻڌي شھر جا اڪابر، درٻار جا امير ۽ مشير بہ اچي مسجد ۾ گڏ ٿيا. مباحثو ٻپهريءَ کان ٽپهريءَ تائين هليو. عالمن ڪتاب کولي سوال پي پڇيا ۽ گرهوڙي صاحب انهن جا شڪ ۽ شبها قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ پي رد ڪيا. نيٺ عالم سوال ڪرڻ ۽ جواب ڏيڻ کان عاجز ٿيا تہ مناظري جي امين ظاهر ڪيو ته، “بدعت هن شخص وٽ ڪٿان آئي، هي تہ خود قرآن ۽ حديث جو نور آهي.”شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي شهادت 1192ھہ/ 1778ع ۾ مهاديو جي مڙهيءَ خلاف وڙهندي ٿي، مرغوب الاحباب مطابق، “سچن دوستن کان روايت آهي تہ گرهوڙ کان سٺ ميل پري ريگستان ۾ هڪ بتخانو هو، جتي طرحين طرحين جون بڇڙايون ٿينديون هيون ۽ حضرت شيخ صاحب جن کي هميشہ سعيو هوندو هو تہ انهيءَ بت خاني کي ڊهرائجي.” مخدوم محمد عاقل کهڙائيءَ پنھنجي تاريخ ‘گنجينه جھان نما’ ۾ ذڪر ڪيو آهي تہ واٽ ويندي مخدوم صاحب کي ڪنهن شخص چيو تہ حضرت اوهان وٽ ٿورڙا ماڻهو آهن ۽ جوڳيءَ وٽ چيلا گهڻي انداز ۾ رهن ٿا، پوءِ توهين انهن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگهندؤ؟ تنهن تي فرمايائين تہ: ادا! جي هوءَ مڙهي ڀڳي تہ بہ فتح اسان جي، پر جي هيءَ مڙهي (جسم) ڀڳي تہ بہ فتح اسان جي ...! مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ ڪل چاليھہ ورهيہ ڄمار ماڻي، پر پنھنجي سڄي ڄمار بامقصد گذاريائين. مخدوم گرهوڙيءَ کي سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ تي وڏي مهارت حاصل هئي، جيڪا سندس تصنيفن مان نشانبر ٿئي ٿي. انهن تصنيفن ۾ ‘فتح الفضل’ اهم آهي، جنهن ۾ مخدوم گرهوڙيءَ، حضرت خواجہ محمد زمان جي 446 چونڊ مقولن جي عربيءَ ۾ شرح لکي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ڪيو، جو لنواري جماعت پاران ڇپيو آهي. گڏوگڏ گرهوڙي صاحب، خواجہ محمد زمان جي بيتن جي مجموعي ‘ابيات سنڌي’ جي پڻ عربيءَ ۾ شرح لکي، جنهن کي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي سنڌي شرح سان 1939ع ۾ شايع ڪرايو. ان کان سواءِ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪتابن ۾ 2 فارسي تصنيفون ‘رساله گل نما’ ۽ ‘مڪتوبات’ ۽ هڪ سنڌي تصنيف پنھنجي ڪلام تي مشتمل ‘مجموعه سنڌيات’ شامل آهن. ‘مجموعه سنڌيات’ وارو مواد ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ايڊٽ ڪري شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو ڪلام نالي سان 1956ع ۾ ڇپرايو. هي ڪتاب وري وري ڇپجندو رهيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”گرهوڙي صاحب جو سڄو ڪلام غالباً سلامت نہ رهيو آهي، پر باوجود ان جي اعلى فڪر ۽ معنى وارن منظومين کان سواءِ به، رسالي جي 17 سُرن (ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، رامڪلي، آسا، بروو سنڌي، سسئي، سهڻي، مومل راڻو، ڪاموڏ، ڪيڏارو، سارنگ، رپ، ڏهر، ڪاپائتي، پرڀاتي، ڪارايل، ڌناسري) تي مشتمل آهي، جن ۾هڪ سو پنجهٺ (165) بيت موجود آهن، جيڪي سندس اعلى انفرادي فڪر ۽ انوکي ۽ اثرائتي اسلوب بيان تي شاهد آهن. مٿين تحقيق مان اها ڳالھہ ثابت ٿئي ٿي تہ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ پنھنجي ڪلام کي سُرن ۾ ترتيب ڏنو ۽ انهن تي موضوع ۽ راڳ مطابق اهي ساڳيا نالا رکيا، جيڪي شاھہ جي رسالي ۾ اڳ ۾ ئي موجود هئا. ان هڪجهڙائيءَ جي بنياد تي ان ڳالھہ جو قوي امڪان آهي تہ شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ابتدائي قلمي نسخي تائين رسائي حاصل هئي، جنهن جو هن نہ رڳو دل جي گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو، پر گهڻو اثر پڻ ورتو. اهو ئي سبب آهي جو مخدوم گرهوڙي، شاھہ لطيف جي ڪلام بابت بيحد عقيدت ڀريو اظهار ڪيو آهي: آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمانُ، پڙهيائين پريت مان، باريءَ جو بيانُ، جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو. شاھہ لطيف جي وصال وقت (1165ھہ/ 1751ع) مخدوم گرهوڙيءَ جي عمر 13 سال کن هئي، پر انهيءَ ننڍي وهيءَ ۾ ئي علم ۾ اڪابر هو ۽ الاهي ڏات حاصل هئس، تنهنڪري گهڻو ممڪن آهي تہ مٿس انهيءَ ابتدائي زماني ۾ شاھہ لطيف جي ڪيميائي نظر مٿس پئي هجي ۽ مخدوم گرهوڙي رچي ريٽو لال ٿيو هجي. هڪ روايت آهي تہ هڪ ڀيري شاھہ لطيف ڪنهن ڳوٺ جي مسجد ۾ جماعت جي زور تي سومهڻيءَ جي نماز پڙهائي. جماعت ۾ عالمن جي گهڻائي هئي، جن ۾ مخدوم گرهوڙي بہ شامل هو. پهرين رڪعت ۾ رڪوع ڪرڻ مهل، پنهنجو منهن اتر طرف ڦيريائين ۽ اهڙيءَ طرح هر رڪعت ڀيري پنهنجو منهن نئين طرف ڦيريندا رهيا، تان جو آخري رڪعت قبلي طرف منهن ڪري نماز پوري ڪيائون. مخدوم گرهوڙيءَ کانسواءِ ٻين عالمن شاھہ لطيف جي پيش امامت کان الڳ ٿي نماز پوري ڪئي. نماز کانپوءِ جماعتين مخدوم گرهوڙيءَ کان شاھہ لطيف جي نماز پڙهڻ واري طريقي جو سبب معلوم ڪيو. جنهن تي مخدوم گرهوڙيءَ چيو تہ توهان کي ان مام جي ڪهڙي خبر؟ هر رڪعت وقت ملائڪ سڳورن ڪعبة ﷲ کي ڦيرائي جدا جدا طرفن تي ٿي بيهاريو، تنهنڪري نماز قبول ٿي تہ اسان ٻن ڄڻن جي.مٿين روايت بابت ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو لکي ٿو تہ: ”هيءَ ڳالھہ عام مشھور آهي، مون پڻ پنھنجي مرحوم چاچي ميان نظام الدين (ننده) جي واتان ٻڌي هئي، اگرچہ اهڙيون ڳالهيون ٻنهي بزرگن جي عمر ۾ وڏي ويڇي هئڻ سبب وسهڻ جوڳيون ناهن.“ وڌيڪ لکي ٿو: “شاھہ عبداللطيف جي وفات وقت شيخ عبدالرحيم صاحب جي عمر 13 سال هئي، تنهنڪري مان نہ ٿو ڀانيان تہ انهيءَ اوسٿا اندر ڪو گرهوڙي صاحب ايڏي روحاني اوج ۽ ولايت کي رسيو هوندو، جو شاھہ لطيف کيس سوغاتون ڏياري موڪلي. اها روايت ۽ ٻيون ڳالهيون جي عوام جي وات ۾ آهن، سي خوش اعتقاديءَ جو نتيجو آهن. باقي نهايت ممڪن آهي تہ گرهوڙي صاحب ننڍي وهيءَ ۾ شاھہ لطيف جي زيارت ڪري، سندس صحبت مان مستفيض ٿيو هجي.”روايت آهي تہ شاھہ لطيف مخدوم گرهوڙيءَ ڏانهن سوکڙيءَ طور هڪ تلوار موڪلي ڏني هئي، جيڪا اڄ تائين درگاھہ گرهوڙي شريف جي سجادہ نشين وٽ موجود آهي. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو پنھنجي تصنيف ’ڪلام گرهوڙي‘ ۾ لکي ٿو، ”حڪيم معين الدين صاحب گلچين هالائيءَ کان هيءَ روايت آهي تہ هڪ ڀيري شاھہ لطيف پنھنجي ڪنهن مريد هٿان هيٺيون سوال ميين عبدالرحيم ڏي جواب لاءِ ڏياري موڪليو: جو مڙني موچارو، سو آهي ڪڄاڙو؟ ميين عبدالرحيم هي جواب ڏياري موڪليو: هڪڙي صحت سرير جي، ٻيو پرينءَ جو پاڙو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو وڌيڪ لکي ٿو تہ: ”فرض ڪري وٺجي تہ شاھہ عبداللطيف ۽ ميين عبدالرحيم جي پاڻ ۾ ملاقات نہ ٿي، ليڪن ان ڳالھہ ۾ ذري جو بہ شڪ نہ آهي تہ شاھہ عبداللطيف جي ڪلام جو اثر شيخ عبدالرحيم جي ڪلام تي گهڻي قدر پيو آهي.“ معمور يوسفاڻي پنھنجي تصنيف ’ڍوليو ڍٽ ڌڻي‘ ۾ مخدوم گرهوڙيءَ بابت هن ريت رقم طراز آهي: ”اسان کي سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙن ڪافي بزرگن جو تذڪرو ملي ٿو، جيڪي 9-10 سالن جي عمر ۾ درس نظاميءَ جو سمورو ڪورس مڪمل ڪري، وقت جي عالمن کي لاجواب ڪري چڪا هئا. حضرت گرهوڙي بہ اهڙن بزرگن مان هڪ هو ۽ پاڻ ننڍي عمر ۾ ئي سڀ ظاهري علم مڪمل ڪري، باطن جي تلاش ۾ رهيو. گرهوڙي صاحب جيتوڻيڪ هڪ نرالي رنگ وارو ۽ اونهي فڪر وارو شاعر هو، سندس شعر کي پروڙڻ لاءِ ڪيئي پنڌ ڪرڻا پوندا آهن، تہ بہ سندس ڪلام جو ڪجهه حصو اهڙو آهي، جو ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جي اثر هيٺ آهي. ڪجهه چٽا مثال ڏجن ٿا: شاھہ لطيف: پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو (سر ڪلياڻ، 2/10، ص: 72) سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتيڻو (سر ڪلياڻ، 2/4، ص: 71) مخدوم گرهوڙي: پهرين ڪنڌ ڪاٽيج، پڇج پوءِ پريتڻو (سر ڪلياڻ، /5 ص256، ڪلام گرهوڙي) شاھہ لطيف: هڻ حبيب هٿ کڻي، ٿيڪ مَ ٿورو لاءِ پريم! تنھنجي گهاءِ، مران تہ مانُ لهان. (سر يمن ڪلياڻ، 1/6، ص: 86) مخدوم گرهوڙي: هڪ جو هڻي هٿ کڻي، ٻئو جو جهلي گهاءُ انهين سرڪي ساءُ، اهي ڄاڻن ٻہ ڄڻا. (سر يمن ڪلياڻ، /8، ص: 258، ڪلام گرهوڙي) شاھہ لطيف سر رامڪليءَ ۾ جوڳين/ سنياسين لاءِ فرمائي ٿو: آسڻ وٽ آهون ڪريان، وس نہ منهنجي واتُ لڳم لاهوتين جو، منجهان ڪينر ڪاتُ هلڻ کي هيهاتُ، آئون نہ جيئندي ان ريءَ. (سر رامڪلي، 1/20، ص: 781) مخدوم گرهوڙي لاشڪ تہ اهڙي ساڳي ڪيفيت پنھنجي مرشد خواجہ محمد زمان جي جدائيءَ ۾ محسوس ڪئي آهي: جوڳي پنھنجي جوءِ ويا، ٿا جُھڙ جيئن نيڻ جهمن، سخن ساميئڙن جا، ٿا هينئڙي منجهہ هرن، سـڄــو مــوت مـڱــن، اڌ ڪـٺـا آرام لـئـه. (سر رامڪلي/2، ص: 262، ڪلام گرهوڙي) ڏٺو وڃي تہ مخدوم گرهوڙيءَ جو سر رامڪلي، شاھہ لطيف جي سر رامڪليءَ جو عڪس آهي ۽ سڄو شاھہ جي ڪلام جي اثر ۽ اتساھہ جو سڀاويڪ ڦل آهي. ان جو هڪ اهم اهڃاڻ اهو بہ آهي تہ مخدوم گرهوڙيءَ جو فڪر ۽ مزاج جوڳي تھذيب سان لاڳاپيل نہ هو ۽ نہ ئي هن شاھہ لطيف وانگر جوڳين/ ويراڳين سان سفر ڪيو هو. شاھہ لطيف جوڳين جي فڪر جي وسعت، قدامت ۽ پائداريءَ بابت فرمائي ٿو: لنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن نہ مَسحو، جا اسلامان اڳي هئي، سا سـُڻائون ٻانگ، سامي ڇڏي سانگ، گڏيا گورکناٿ کي. (سر رامڪلي، 7/14، ص: 810) مخدوم گرهوڙي جيتوڻيڪ صاحب شريعت ۽ وحدت الشهود واري فڪر جو سختگير فقير هو، پر هن شاھہ لطيف جي فڪر جي مڪمل اثر ۾ هجڻ جي ڪري جوڳين جي فڪري وسعت کي ذهني ۽ دلي وسعت سان اظهاريو آهي. سوئي اوڇڻ انگڙين، سوئي کاڄ سندونِ، ڪفر ۽ اسلام کان، پري پير پيونِ، تتي واهيرونِ، جتي رات نہ ڏينهن ڪو. (سر رامڪلي، /36، ص: 270) مخدوم گرهوڙيءَ جي مٿئين بيت جي پس منظر ۾ شاھہ لطيف جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو. جتي عرش نہ اڀ ڪو، زمين ناھہ ذرو، نہ ڪو چاڙهائو چنڊ جو، نہ ڪو سج سرو، اتي آديسين جو، لڳو دنگ درو، پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون ناھہ ۾. (سُر رامڪلي، 9/45، ص: 825) مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ سر رامڪليءَ ۾ جنهن حد تائين بہ پنھنجي ڳوڙهي ڪلام جي ذريعي ذهن ۽ دل جي اڻکٽ وسعت کي ڇهيو آهي، شاھہ لطيف کانئس اڳ ان کان گهڻو اڳتي سفر ڪري چڪو هو، ان جا اهڃاڻ اهي فڪري نظارا آهن، جيڪي فقط شاھہ لطيف وٽ ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيئن: ‘نانگا نانيءَ هليا’، ‘گڏيا گورکناٿ کي’، ‘ويا رمندا رام ڏي’، ‘نانگا! ناٿ نهار’ جھڙا غير معمولي خيال مخدوم گرهوڙيءَ جي ڪلام ۾ بہ ملن ٿا. ان جو هڪ اهم ڪارڻ صوفي مسلڪ بہ آهي، جنهن سان هو لاڳاپيل هو، جنهن تي سختيءَ سان ڪاربند رهندي کيس شهادت نصيب ٿي. ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاھہ پنھنجي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز ‘شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعارا ۽ تشبيھہ نگاريءَ جو تحقيقي جائزو’ ۾ ان نتيجي تي پهتي آهي تہ گرهوڙي شھيد بلڪل ساڳيو مضمون بيان ڪيو آهي، ڪٿي ساڳيا شاھہ سائينءَ وارا لفظ تہ ڪٿي سندس اڌ يا سڄي مصرع تضمين طور استعمال ڪئي اٿس. مثال طور: شاھہ لطيف فرمائي ٿو تہ: نـا اُمـيـدي آجـڪـو، اوڇـــڻ آديـسـيـن، ڪڏهن تازيءَ پٺ تي، ڪڏهن هيٺ هـلـن، ساميئڙا سـمـونڊ ۾، تـنبـي جـيـئـن تــرن، جي واڳونءَ وات وڃن، تان ڪسن ڪڇن ڪينڪي. (سر رامڪلي، 5/11، ص: 801) مخدوم گرهوڙيءَ، شاھہ لطيف جي ان مضمون کي ٻن بيتن ۾ بيان ڪيو آهي: نا اميدي آجڪو، جيجان جوڳيئڙن، سناسي سمونڊ ۾، تنبي جيئن ترن، سدا سک وسن، تارڪي تدبير جا. (سر رامڪلي، /23، ص: 267، ڪلام گرهوڙي) جن دل لائي دل سين، سي سدائين سرها، تهڙا تازي پٺ تي، تهڙا هيٺ هليا، جي واڳونءَ وات ويا، تہ پڻ هنج حبيب جي. شاھہ لطيف سر آسا ۾ فرمائي ٿو: سڄڻ سنئيون ڪن، لوڪان ليکي ونگيون، سنديون سپرين، پرون پروڙڻ ڏاکڙو. (سر آسا، 3/20، ص: 717) شھيد گرهوڙي انهيءَ خيال کي هن ريت اظهاريو آهي: لوڪ لهواريو لڏيو، اوڀر آديسين سڄڻ سنيون ڪن، لوڪ ليکي ونگيون. (سر رامڪلي/33، ص:269، ڪلام گرهوڙي) ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاھہ مطابق مخدوم گرهوڙيءَ جي شاعريءَ جي مضمون ۾ ڪتب آندل ڪردارن جي تمثيلي ۽ استعاراتي استعمال تي شاھہ لطيف جو گهرو اثر آهي. مثال طور: سر ڪيڏاري ۾ شاھہ لطيف ڪربلا جي سرزمين تي امامن سڳورن جي بهادري ۽ حوصلي سان وڙهڻ تي انهن لاءِ شير يا شينهن جو استعارو استعمال ڪيو آهي، جيئن:ڪامل ڪربلا ۾، آيا سيد شير. (سر ڪيڏارو، 2/6، ص: 664) عليءَ شير وياءَ، رڻ ۾ پين راتڙي. (سر ڪيڏارو، 4/1، ص: 669) شير شھزادي لڏيو، سيد سيج نہ ماڻي، مومنا ماتام واويلا! (سر ڪيڏارو، 5/وائي، ص: 675) مخدوم گرهوڙيءَ پڻ سر ڪيڏاري ۾ شير جو استعارو امامن سڳورن جي بهادريءَ سان وڙهڻ جي ڪري ڪم آندو آهي. شير شهادت رسيا، ماتم مسڪينن. (سر ڪيڏارو/ 3، ص: 289، ڪلام گرهوڙي) ڪربلا ۾ ڪوچ ٿيو، لائون لھن شير. (سر ڪيڏارو/ 5، ص: 289، ڪلام گرهوڙي) سر پرڀاتيءَ جي هڪ بيت ۾ شھيد گرهوڙيءَ، شاھہ لطيف جو اثر وٺندي اهائي تمثيل بيان ڪئي آهي تہ ٻانهي کي پنھنجي رب تعالى آڏو پنھنجي عبادت ۽ پرهيزگاريءَ تي ناز ۽ هٺ نہ ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ ڪائنات جو خلقڻهار انهن مڙني ڳالهين کان بي نياز آهي ۽ هن کي انسان جي نوڙت، نيازمندي ۽ انڪساريءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي شيءِ قريب نہ آهي. شاھہ لطيف سر پرڀاتيءَ ۾ فرمائي ٿو: ڄاڻين تہ په نہ ڄاڻ، ايءُ درُ اٻوجهن جو، اِن در سي ئي اگهيا، جن نہ ڀانئيو پاڻ، ريجهاڻو راڄاڻ، آهي اٻوجهن جو. (سر پرڀاتي، 1/14، ص: 860) هي ‘راڄاڻ’ جڳ جي پالڻهار ۽ رازق رب لاءِ استعارو ٿيو آهي، جيڪو انهن خاڪسارن سان ريجهي ٿو، جيڪي تڪبر تي تڪيو نہ ٿا ڪن. شھيد گرهوڙيءَ جي هيٺ ڏنل بيت مان واضح ٿئي ٿو تہ هن نہ رڳو شاھہ لطيف جي فڪر ۽ ڏاهپ جي پيروي ڪئي آهي، گڏوگڏ لفظن ۽ لهجي کي بہ اختيار ڪيو آهي. ڄاڻ وڃايو ٽاڻن، ڪيرت راھہ ڪم ڪيو، ان در ايندڙي مڱڻا! پاڻ مَ کڻج ساڻ، روجهاڻي راڄاڻ، آهي اٻوجهن جو. (سر پرڀاتي/1، ص: 291، ڪلام گرهوڙي) ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھہ مطابق هتي ڪيرت ڪندڙ مڱڻو عبادت گذار بندي لاءِ ۽ سخي سردار سپڙ (جنهن کي ٻيلي ڌڻي يا رونجهاڻي راڄاڻ بہ چيو ويو آهي) مستعار ٿيو آهي، جڳ جي پالڻهار ۽ رزق رسائيندڙ رب لاءِ، جيڪو اٻوجهن جو مددگار آهي. مخدوم گرهوڙيءَ سر سسئيءَ، سر مومل راڻو توڙي سر سهڻيءَ ۾ ڪردارن توڙي ارضياتي اهڃاڻن کي شاھہ لطيف واري استعاري ۾ اظهاريو آهي. خاص ڪري سر سهڻيءَ ۾ شاھہ لطيف جي استعاري جو استعمال ڪري مخدوم گرهوڙيءَ جتي فڪري اثر قبوليو آهي، اتي هن شاھہ لطيف جي انقلابي فڪر کي سماجي سطحن تي ناماچاري ۽ قبوليت کي مڃيو. ڇاڪاڻ تہ شاھہ لطيف سر سهڻيءَ ۾ سهڻيءَ جي ڪردار ۽ سندس ميهار سان ازلي نينھن جو دفاع ڪيو آهي. شاھہ لطيف جي ان غير رواجي رويي مان واضح ٿئي ٿو تہ ان وقت جي سختگير ۽ ظاهر پرست مذهبي ڌرين سان وڏي ٽڪراءَ ۾ هو. حڪومتي ڪارندا پڻ انهن مذهبي ڌرين جي اثر ۽ طاقت کان هيسيل هئا ۽ انهن سان ٻٽ هئا. پر شاھہ لطيف هڪ انقلابي، صوفي ۽ محب وطن شاعر جي حيثيت ۾ پنھنجي فڪر سان ۽ پنھنجي ڪلام سان ٻڌل رهيو. شاھہ لطيف جي اڏولتا ان مان بہ ظاهر ٿئي ٿي تہ دين اسلام جو شيدائي شھيد عبدالرحيم گرهوڙي، جيڪو شريعت ۽ فقھہ جو وڏو عالم بہ هو، تنهن شاھہ لطيف جي تخيل جي بلند پرواز کي سمجهيو، قبوليو ۽ ان مان متاثر ٿي پنهنجو ڪلام چيو. هيٺ ڪجهه مثال ڏجن ٿا: شاھہ لطيف فرمائي ٿو: توڏيءَ کي تعظيم، ٻين سڀنئا اڳري، وڏي ٿي الف کي، من گڏيائين سين ميم، جيلانهن ذات حليم، ملي تي ميهار کي. (سر سهڻي، 3/9، ص: 231) مخدوم گرهوڙي مٿئين خيال جي تتبع تي فرمائي ٿو: اوڏو ٿي الف کي، نسبت نهاريج، منجهيون ڌڻ ڌاريج، جتي ساهڙ سوجهرو. (سر سهڻي، /1، ص: 285) شاھہ لطيف سهڻيءَ جي وجود ۾ پيدا ٿيل بيقراري ۽ ميهار سان ملڻ جي خواهش کي ظاهر ڪندي لکي ٿو: اديون! سڀ اندام، چڙن منجهان چوريا، لارن جا لئون لائيي، سا ڪيئن آڇيان عام، لڳيس جنهن جي لام، سو دلاسا دوست مھي. (سر سهڻي، 4/1، ص: 236) شھيد گرهوڙيءَ شاھہ لطيف جي ڪلام جو اثر وٺندي ساڳئي ئي قافيي ۾ هن ريت بيت رچيو آهي: سھڻي ساھہ پرينءَ ڀر، اوريين ڀر آندام، من ۾ ميهارن جي، قابو لڳيس ڪام، پئي ساهڙ سامَ، ڏکان ڇٽي ڏم جي. (سر سھڻي1/ 2 ص: 285) شھيد گرهوڙي صاحب اڳڪٿين جي حوالي سان بہ مشھور هو. سندس ڪجهہ اڳڪٿيون پوريون بہ ٿيون آهن. شھيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو سنڌ بابت هڪ بيت نهايت ئي مقبول رهيو آهي، جنهن ۾ هن ڪابل ۽ قنڌار کان ايندڙ ڦورن بابت فڪرمند ٿيندي چيو آهي تہ: جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي ڪنڌارئون جوکو.