سومرو عبدالرزاق شهيد

سومرو عبدالرزاق شهيد

عبدالرزاق سومرو شھيد

عبدالرزاق سومرو، شھيد: جديد سنڌ جو قومي سورمو، شھيد عبدالرزاق سومرو، موري جي هڪ غريب ۽ فرض شناس رٽائرڊ اُستاد محمد سليمان سومري جو اڪيلو فرزند هو. عبدالرزاق سومري، 23 جولاءِ 1947ع تي موري شھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم، مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس موري مان حاصل ڪرڻ بعد پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ خيرپور مان اليڪٽرڪ انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما امتيازي حيثيت ۾ پاس ڪرڻ تي کيس ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ جونيئر انسٽرڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتان پوءِ اڳتي پڙهائي جاري ٿيڻ لاءِ حيدرآباد پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ ساڳي پوسٽ تي بدلي ڪرائي آيو. عبدالرزاق سومري جي ننڍي هوندي کان طبيعت سادي ۽ سماجي ۽ قومي ڪمن ڏانهن مائل هئي. موري جي سوشل ويلفيئر ائسوسيئيشن جي فائونڊر ميمبرن مان هو. 1967ع کان موري ۾ جيڪي بہ شاگرد تحريڪون شروع ٿيون، تن ۾ هو قومپرست تحريڪ جو زبردست حامي هو. سندس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق جنون جي حد تائين پهتل هو. جڏهن 30-31 جنوري 1971ع واري رات حيدرآباد ۾ ڪن سنڌ دشمنن سنڌالاجيءَ کي باھہ ڏئي ساڙيو هو تہ ان خلاف موري جي شاگردن هڪ وڏو جلوس ڪڍيو هو، جنهن ۾ بہ عبدالرزاق سومرو اڳيان اڳيان هو. جڏهن آڪٽوبر 1971ع ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، سنڌالاجيءَ جي مالي مدد لاءِ اپيل ڪئي هئي تہ راشد مورائي، مٺل ڪمالاڻي، سڪندر زمان ميمڻ، هارون سومري، علي گل ڪلهوڙي، عبدالرزاق سومري ۽ ٻين گڏجي چندو گڏ ڪندو هو ۽ گڏيل رقم بئنڪ ڊرافٽ جي صورت ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاھہ کي پهچائي وئي هئي. 28 جون 1972ع تي عبدالرزاق سومري جي رٿ تي ئي موري جي شاگردن ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو قيام عمل ۾ آندو هو.
عبدالرزاق سومري پوليٽيڪنيڪ ڪاليج حيدرآباد ۾ ملازمت دوران ڪيترن سنڌي شاگردن کي داخلائون وٺرائي ڏنيون، غريب شاگردن کي ڪتاب مهيا ڪري ايڪسٽرا ڪلاس وٺي پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هو دوستن ۽ شاگردن کي عملي ۽ آدرشي انسان بنجڻ جي هدايت ڪندو هو. سندس پوشاڪ ۾ اڪثر لباس کاڌيءَ جو هوندو هو. مٿي تي سنڌي ٽوپي، ڪلهن ۾ اجرڪ ويڙهيل، نهايت پروقار شخصيت رکندڙ نوجوان استاد بنجي، پنھنجي ڊيوٽي نهايت ديانتداريءَ ۽ سچائيءَ سان ادا ڪندو هو. 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سنڌي زبان کي سنڌ جي صوبائي زبان قرار ڏيڻ جو بل پاس ڪيو ويو. ان فيصلي جي حمايت ۾ هن پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪيو، جيڪا ڳالھہ سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان بغض رکندڙ ڪجهہ متعصب شاگردن کي پسند نہ آئي. جڏهن ان بل پاس ٿيڻ خلاف اردو اخبارن واويلا مچائي هئي، تڏهن تيل تي باھہ جو ڪم رئيس امروهويءَ جي قطعي ’اردو ڪا جنازه هي، ذرا ڌوم سي نڪلي‘ ڏنو هو ۽ سنڌ ۾ ٻوليءَ وارا فساد شروع ٿي ويا هئا. ٽنڊي ڄام ۾ سنڌي شاگرد شھيد ڪيا. سائين جي. ايم. سيد سنڌ جي گشت تي نڪتو تہ 2 آگسٽ 1972ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ مٿس بم سان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ دوست محمد پراچا شهيد، نامور مصور گل محمد کتري ۽ قومي ڪارڪن عمر شورو ۽ ٻيا شديد زخمي ٿيا هئا. ٻوليءَ جي هنگامن دوران توڙي اڳ ۾ پوليٽيڪنڪ ڪاليج حيدرآباد جي غير سنڌي انتظاميہ اڪثر عبدالرزاق سومري جي خلاف هوندي هئي، ڇو تہ هي اتي واحد سنڌي استاد هو، جيڪو سنڌي شاگردن جي دفاع لاءِ سرگرم عمل رهندو هو. هن کي ڪيترا ڀيرا ڌمڪيون بہ مليون، پر هي بيڊپو انسان پنھنجي پرچار ۽ عمل کان باز نہ آيو. 7 آگسٽ 1972ع جو ندورو صبح، هن سنڌ جي سپوت جي شهادت جو سنيهو کڻي آيو. پوليٽيڪنڪ ڪاليج جي متعصب ۽ سنڌ دشمن شاگردن، انور ڪمال راجپوت جي اڳواڻيءَ ۾ هن قومپرست سنڌي استاد تي اوچتو حملو ڪري، چاقن جا وار ڪري کيس شھيد ڪري ڇڏيو. سندس شهادت واري واقعي سڄيءَ سنڌ سان گڏ موري ۾ باھہ ٻاري ڇڏي. جڏهن ايمبولنس ۾ شھيد عبدالرزاق جو لاش رات جو 11 وڳي موري پهتو تہ هزارين شهرين ۽ شاگردن جو ماتمي جلوس اوڇنگارون ڏيندو سندس گهر پهتو. حالتون ان حد تائين خراب ٿي ويون، جو صبح جو شھيد عبدالرزاق کي دفن ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ کان اڳ ئي سڄو شھر فوج جي حوالي ڪيو ويو. شھر ۾ عام هڙتال رهي، جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. کيس موري شھر جي هڪ بزرگ ۽ ولي ’خوشحال پير‘ جي ايوان ۾ دفن ڪيو ويو. هن جي شهادت تي سڄيءَ سنڌ ۾ احتجاجي ۽ تعزيتي گڏجاڻيون ٿيون. اخبارن وڏين سرخين سان قاتلن جي مذمت ڪئي. موري جي تاريخ جو هي هڪ منفرد حادثو هو، جنهن سڄيءَ سنڌ کي جنجهوڙي ڇڏيو هو. 8 آگسٽ تي سائين جي. ايم. سيد کي اڌ سنڌ جي دوري تان موٽندي، پنھنجي گهر سن ۾ نظربند ڪيو ويو. شھيد دودي سومري ۽ شھيد الھہ بخش سومري جي شهادتن کانپوءِ عبدالرزاق سومري جي شهادت تي اديبن مضمون ۽ ڪهاڻيون ۽ شاعرن شاعرن شعر لکيا، جن جا ڪجهہ مثال هيٺ ڏجن ٿا: امداد حسيني: ’سومرا‘، مينڌرا او شهيدِ وطن، سنڌ جي سينڌ کي تو سنواري ڇڏيو. خاڪي جويو:ڀينر منهنجو ڀاءُ، رڱيو ريٽي رت ۾! راشد مورائي:سرڙو ڏئي هو سنڌ تان صدقي ٿيو، مگر ’عبدالرزاق‘ جي ڪڏهن ٿي هئي زبان چپ؟ مٺل ڪمالاڻي:وجهي جھانءِ جهروڪ ۾، جهوناڳڙھہ جهوري، مان لڌو موري، موتي ڏئي مهراڻ جو! تاج جويو:وڻ ٽڻ ورتو واس، راوت تنھنجي رتّ جو! ڀوميءَ ڀاڪر کوليو، ڇانوَ بڻيو آڪاس. عظيم سنڌي:ڪير ٿو ميٽي سگهي، ’رزاق‘ پنھنجي خون سان، سنڌ جي نقشي تي جيڪي چٽ چٽي ويندو رهيو؟ سنڌ جي تاريخ جي ڪيڏي نہ بدنصيبي آهي، جو شھيد عبدالرزاق جي قتل ۾ صلاحڪاريءَ جو ڪردار ادا ڪندڙ پوليٽيڪنڪ ڪاليج جي پرنسپال کي ڏيکاءَ طور معطل ڪري بعد ۾ سوئيڊش پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ ڊائريڪٽر ڪري موڪليو ويو، ڪجهہ ڏينهن قيد رکڻ کان پوءِ قاتل انور ڪمال کي ’شاگرد رهنما‘ ڄاڻائي آزاد ڪيو ويو. شھيد عبدالرزاق جي خون جو سرڪاري طور ڪو بہ انصاف نہ ٿيو، پر موري جي شهرين، شھيد عبدالرزاق يادگار ڪميٽي‘ جوڙي، پنھنجي مدد پاڻ هيٺ شھيد جو مقبرو اڏايو. جنهن ڪم جي تڪميل شھيد جي والد بزرگوار محمد سليمان سومري جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. ان بعد هر سال 7 آگسٽ تي شھيد جي مزار تي ورسي ملهائي ويندي هئي. هاڻي تہ مقبري واري سرڪاري ميدان تي اسڪول ٺاهيو ويو آهي ۽ شھيد جي مزار تي ٿيندڙ ورسيون بہ بند ٿي ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.07.23  عيسوي

عبدالرزاق سومري، 23 جولاءِ 1947ع تي موري شهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد سليمان ٻنوي مولانا
امام بخش امام زرداري
شمل خاتون
ڀٽي رشيد
تسنيم يعقوب
راجيش ڪمار پرسراماڻي
مخدوم سجاد حسين قريشي
توتان
غلام نبي سمو
زرينه قاضي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون