عبدالرزاق قاضي ترائيءَ وارو، مولوي: نامور عالم، بزرگ، حڪيم، مولوي عبدالرزاق قاضي ترائي وارو، تعلقي مدئجي، ضلعي شڪارپور جي ترائي شهر جو رهاڪو هو. هيءُ پنهنجي دور جو نامور حڪيم ۽ عالم ٿي گذريو آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگ وٽان ورتائين، پوءِ جندي ديري ۾ مولوي محمد حسين ڀٽي وٽ ۽ همايون شريف ۾ بزرگ مفتون عبدالغفور همايوني وٽ تبرڪ طور آخري سبق وٺي فارغ التحصيل ٿيو. مولوي عبدالرزاق حڪمت جو فن پنهنجي والد بزرگوار وٽ سکيو. وڏو تجربو حاصل ڪري حڪمت ۾ نمايان ترقي ڪيائين. پاڻ ٽي ڀيرا حج ڪيائين. سندس صحبت نامور بزرگ عبدالغفور همايونيءَ سان هوندي هئي. کيس علم جفر تي عبور حاصل هو، پر ان تي عمل ڪو نه ڪندو هو ۽ ٻين کي به جفر کان منع ڪندو هو. هميشه ڪم ۾ مشغول هوندو هو. سندس مشغلو درس تدريس يا ڪتابن پڙهڻ سان هوندو هو. نامور محقق دين محمد وفائي پنهنجي ڪتاب ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ (ڀاڱو پهريون) ۾ سندس ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: “ترائيءَ جو ڳوٺڙو تعلقي ڳڙهي ياسين ۽ رتيديري جي سرحد تي آهي. منهنجي ڳوٺ بهمڻ کان 6 ميل اتر طرف ٿيندو، قاضي عبدالرزاق حڪمت ۾ نمايان ترقي ڪئي. هو فقه ۾ استاد زمان هو. کيس حرمين شريفين مان ڪنهن عامل بزرگ کان تحفو مليل هو. قاضي عبدالرزاق مرحوم جو صاحبزادو قاضي رفيق، منهنجو رفيق ۽ زمين جي ڪمن ۾ مددگار هو.” مولوي عبدالرزاق قاضي کي پهريائين هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جيڪو ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويو، بعد ۾ کيس هڪ نياڻي ۽ پٽ جو اولاد ٿيو. هن ڪيترائي نامور شاگرد پيدا ڪيا، جن پنهنجو نالو جڳ ۾ روشن ڪيو. سندس نامور شاگردن ۾مولوي خادم حسين (هاري تحريڪ جي اڳواڻ نذير حسين جلاليءَ جو پيءُ) قابل ذڪر آهي.
سندس وفات 80 ورهين ۾ 1912ع ۾ ٿي. سندس آخري آرامگاهه ترائي شهر ۾ آهي. سندس وفات تي ڪيترن ئي قطح تاريخون پڻ چيون آهن:
مولوي صاحب فضيلت، عالم علم الهدا
ڪاشف رمز شرعيت، جامع ورع و تقا
حاجي عبدالرزاق اندر جهان مشهور بود
در فضائل ظاهر و باطل چو شمس اندر سما
بي سر مسرت برآمد ماديءَ تاريخ او
... دنيا ز نقل اين چنين ميمون بقا.
1331هه/ 1912ع