عبدالرزاق قاضي مولانا

عبدالرزاق قاضي، مولانا: عالم، اديب ۽ صحافي، مولانا قاضي عبدالرزاق، 18 سيپٽمبر 1892ع تي روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم روهڙيءَ جي اسڪول ۽ مدرسي مان حاصل ڪيائين. 1905ع ڌاري ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس ۾ داخل ٿيو، جتان پوءِ 1908ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتان 1912ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين، جنهن بعد ڪراچيءَ جي خالقڏني هال ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تقرير ٻڌڻ جو موقعو مليس. مولانا جي تقرير کان متاثر ٿي وڌيڪ انگريزي پڙهڻ ڇڏي، پير جهنڊي جي ‘دارالرشاد’ مدرسي ۾ داخل ٿيو. ان بعد لاهور ويو، جتي مولانا احمد علي لاهوريءَ وٽ سال تائين پڙهيو. 1916ع ۾ واپس روهڙيءَ آيو، جتي ضلعي لوڪل بورڊ جي مسلم بورڊنگ هائوس سکر ۾ استاد مقرر ٿيو. 1918ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو، جتي 1936ع تائين رهيو. علامہ عمر بن محمد دائودپوٽو پڻ وٽس پڙهيو. سنڌ مدرسي ۾ رهڻ دوران 1930ع ڌاري ‘علمي دنيا ’ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيائين. ڪجهہ عرصي بعد ‘ڪاميابي’ نالي سان رسالو جاري ڪيائين. 1936ع ۾ ‘الوحيد’ اخبار ۾ نائب ايڊيٽر ٿيو. ان سال سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ تي ‘سنڌ آزاد نمبر’ جاري ڪيائين. 1939ع ۾ ٻيهر سنڌ مدرسي ۾ عربيءَ لاءِ استاد مقرر ٿيو، جتي 1949ع تائين رهيو. جنهن بعد علامہ عمر بن محمد دائودپوٽي جي آڇ تي اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ عربي ٽيچر مقرر ٿيو، جتان 1957ع ۾ ملازمت ڇڏي تصنيف جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا. قرآن مجيد جو تفسير، ديني ۽ اصلاحي ڪتابن سيمت ٻين موضوعن تي ڪل 23 ڪتاب لکيا. مولانا قاضي عبدالرزاق، 19 مئي 1961ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.09.18  عيسوي

مولانا قاضي عبدالرزاق، 18 سيپٽمبر 1892ع تي روهڙيءَ ۾ جنم ورتو.


1961.05.19  عيسوي

مولانا قاضي عبدالرزاق، 19 مئي 1961ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند قاضي ميان اسماعيل
غلام محمد گرامي
بگو شير درگاھہ
خليفو محمد يعقوب همايوني
رفيع الدين مولانا
عبدالڪريم ڪورائي مولانا
عباس شيخ
نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر
درس محمد واصل
علي بن موسيٰ ديبلي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون