عبدالرزاق مشرب

عبدالرزاق مشرب: ڪلهوڙن جي دؤر جو هي نامور طبيب مير سيد عبدالرزاق مشرب مفاهان جو سيد ۽ سڀني علمن جو ماهر هو، خاص ڪري علم جفر ۽ علم نجوم ۾ سندس ڪو بہ مثل ان دؤر ۾ ڪو نہ هو. مير علي شير قانع ٺٽوي هن کي وقت جو سقراط چوندو هو. عالمگير جي دؤر ۾ بريليءَ وڃي وطن اختيار ڪيائين ۽ اتان جي سيدن سان قرابت ڪيائين. ڪجهہ وقت لکنؤ ۾ بہ گذاريائين ۽ ڪافي عرصو ڪشمير جي صوبيدار نوازش خان روميءَ وٽ پڻ رهيو. آخري عمر ۾ عبدالرزاق سنڌ آيو ۽ اچي ميان دائود خان جي درٻار ۾ رهيو. ميان دائود هن جي تمام گهڻي عزت ڪندو. مير عبدالرزاق 1146ھہ/ 1733ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالرزاق مشربھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو