عبدالرزاق کهڙو

عبدالرزاق کهڙو: مشھور اداڪار عبدالرزاق کهڙو، 5 جنوري 1951ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي. اي آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ ۾ دلچسپي هئي. هن ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ‘نيڪ پروين’ هو، جنهن ۾ هن ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو. هن ڊرامي ڏسندڙن ۾ بيحد مقبوليت ماڻي. عبدالرزاق ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس ڪيترائي ڊراما مختلف ٽي. وي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. سندس ڪي. ٽي. اين جي ڊراما سيريل ‘هر شخص ڪهاڻي آ’، ‘ڪم پئي تہ ڪل پوي’ ۽ لانگ پلي ڊرامن ۾ ‘پريم نگر پلازه’، ‘اڊڙيل کي ٽوپو’، ‘مٽيءَ جي مورتي’؛ سيريز ڊرامن ۾ ‘موڙهي مت وغيرہ قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.01.05  عيسوي

عبدالرزاق کهڙو، 5 جنوري 1951ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عباسي ايس ايم
ابن سينا
عشرت العباد
شوڪت حيات خان سردار
فيض محمد بلوچ استاد
خوشبخت شجاعت
شبنم اداڪارہ
ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا 2
ڀٽو محمد اسماعيل
روي شنڪر پنڊت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون