
عبدالرشيد لغاري
عبدالرشيد لغاري: عبدالرشيد ولد حاجي عبدالڪريم لغاري، ڳوٺ مولودي خير محمد لغاري، ضلعي سانگهڙ ۾ 1939ع ڌاري پيدا ٿيو. پرائمري ۽ ديني تعليم پنھنجي ڳوٺ مان ۽ سيڪنڊري تعليم سانگهڙ مان حاصل ڪيائين. 1955ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، جنهن دوران 1962ع ۾ S.V ٽريننگ ۽ 1965ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. سال 1987ع ۾ L.C.O ۽ 1992ع ۾ سپروائيزر (پرائمري) مقرر ٿيو. 1999ع ۾ ريٽائر ٿيو. دورانِ سروس ڪافي سالن تائين پ. ٽ. الف ضلعي سانگهڙ جو صدر ۽ ڪجهہ عرصي تائين پ. ٽ. الف جو مرڪزي عهديدار بہ رهيو. 2006ع ۾ پير ضياءُ الدين ‘ضيا’ خياروي جي شاعريءَ جو مجموعو ‘پاتم پَٽ ڪڻا’ ترتيب ڏيئي شايع ڪرايائين. هن پنھنجي آتم ڪهاڻيءَ تي آڌاريل ڪتاب ‘وِهَڻ مون نہ وڙاءُ’ لکيو، جنهن کي 2008ع ۾ سجاڳي پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ مان قادر بخش طالباڻيءَ شايع ڪيو. هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ حاجي عبدالڪريم لغاريءَ ۾ رهائش پذير آهي.