
سموعبدالستار
عبدالستار سمو (فنڪار): شھنائي نواز، طبلي نواز، نوحہ خوان، عبدالستارولد غلام جعفر سمو، پهرين جولاءِ 1972ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پنھنجي وقت جو صوفي راڳي ۽ سريلو دهلاري هو. عبدالستار مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. جيئن تہ کيس موسيقيءَ جو فن ورثي ۾ مليو، ان ڪري گهر جي ماحول مطابق يارهن سالن جي عمر ۾ ئي کيس موسيقيءَ طرف راغب ڪيو ويو ۽ شهنائيءَ جي فن جي حاصلات لاءِ 1983ع ۾ رتيديري شھر جي سريلي شھنائي نواز استاد غلام نبي سمي وٽ ڇڏيو ويو، جنهن عبدالستار کي شرناءِ توڙي موسيقيءَ جي فن جي بنيادي ڄاڻ ڏني. استاد غلام نبي سمي وٽ ٽن سالن تائين محنت ۽ لگن سان شرناءِ جو فن سکندو رهيو، جنهن کانپوءِ لاڙڪاڻي شھر جي نامور شرناءِ نواز استاد نياز حسين کان سکيا ورتائين. جڏهن تہ هن ڍولڪ ۽ دهل جي فن جي سکيا پنھنجي والد محترم فقير غلام جعفر کان حاصل ڪئي. عبدالستار شروع ۾ پنھنجي والد جي جوڙ سان گڏ شادين مرادين توڙي ميلن ملاکڙن ۾ ويندو هو ۽ جوڙ ۾ شرناءِ وڄائيندو هو، پر اڳتي هلي سندس والد ناچاڪيءَ جي ڪري فن کي الوداع ڪري ويو، جنهن کانپوءِ عبدالستار پنهنجو الڳ جوڙ متعارف ڪرايو، جنهن جو پاڻ اڳواڻ آهي. هن سنڌ توڙي پاڪستان جي ڪيترن سٺن فنڪارن سان ڍولڪ توڙي طبلي تي سنگت ڪئي آهي، انهن ۾ استاد شرافت علي خان، ديدار حسين سمو، غلام شبير سمو، سيد موٽڻ شاھہ، فقير منور علي ابڙو، سيد صدرالدين شاھہ ۽ ٻين جا نالا قابل ذڪر آهن. هن شام چوراسي گهراڻي جي استاد گويي خانصاحب استاد شرافت علي خان سان بہ ڍولڪ تي يادگار سنگت ڪئي هئي. سندس ڍولڪ وڄائڻ جي انداز کان شرافت علي خان ايترو تہ متاثر ٿيو، جو کيس پنجاب مان خط لکي سندس فن جي تعريف ڪيائين. عبدالستار جو آواز تمام سريلو آهي، جنهنڪري محفلن ۾ ڳائيندو بہ آهي. هيءُ سٺو نوحہ خوان آهي ۽ محرم وارن ڏينهن ۾ نوحہ خواني بہ ڪندو آهي. هيءُ لطيف سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن رتوديرو (لسوا) جو عهديدار بہ آهي. عبدالستار ’لسوا‘ کان سواءِ ٻين ڪيترين فلاحي توڙي مذهبي تنظيمن سان واڳيل آهي. هن ماضيءَ ۾ پنھنجي برادريءَ جي ڪجهه فنڪارن ۽ وڄتڪارن کي جمع ڪري ’فنڪار ايسوسيئيشن رتيديري‘ جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽفارم تان شھر ۾ استاد حاجي خان دوداپوريءَ سان شام ملهائڻ سميت ٻيا ڪيترا موسيقيءَ جا سٺا پروگرام منعقد ڪرايائين.
1972.07.01 عيسوي
شهنائي نواز، طبلي نواز، نوحه خوان، عبدالستارولد غلام جعفر سمو، پهرين جولاءِ 1972ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.