عبدالستار شيخ: شيخ عبدالستار، مشھور عالم ۽ اولياء شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائيءَ جو وڏو فرزند، 1591ع ڌاري گجرات ۾ ڄائو. شيخ عيسيٰ جندالله کي هي پٽ پنھنجي پاٽ واري وڏي گهر واريءَ مان هو. پاٽائي صديقين جي شجري ۾ کيس ‘شيخ عبدالستار گجراتي’ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. سندس تعليم سندس ڏاڏي ۽ مشھور عالم شيخ طاهر محدث جي ذمي هئي. ان کان اڳ هن ملا احمد کان قرآني قاعدو پڙهيو. جڏهن مسيح الاوليا شيخ عيسيٰ جندالله کي آگري ۾ نظربند (1600ع) ڪيو ويو هو تہ شيخ عبدالتار برهانپور ۾ شطاري خانقاھہ جو ‘شيخ’ ٿي رهيو. پنھنجي والد جي وفات (1622ع) کان پوءِ پيءُ جي مسند تي ويٺو. شيخ عبدالستار وڏو عالم ۽ سخي شخص هو. ايترو هٿ جو کليل هو، جو آخري وقت ۾ ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ رهيو. پاڻ 1622ع ۾ وفات ڪيائين، تہ سندس مسند تي سندس پٽ شيخ ابوالقاسم ويٺو.