
عبدالسلام ٿهيم
عبدالسلام ٿھيم : نامياري سياستدان عبدالسلام ولد حاجي گل محمد ٿهيم، پهرين جنوري 1950ع تي ڳوٺ طيب ٿھيم (شھدادپور) ۾ جنم ورتو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين، 1968ع کان هن سياست ۾ پير پاتو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سندس پراڻو ناتو رهيو. شروعات ۾ پ. پ جو تعلقي صدر ۽ پوءِ ضلعي سانگهڙ جو صدر بڻيو، جڏهن تہ پ. پ- سنڌ جو رابطہ سيڪريٽري بہ رهيو. عبدالسلام ٿھيم 1988ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي ۽ ڪامياب ٿيو، جنهن بعد ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جو وزير مقرر ٿيو؛ 1990ع واري چونڊ ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيو؛ 1993ع واري اليڪشن ۾ سوڀارو ٿيو، جنهن بعد کيس سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ڪيو ويو؛ 1996ع ۾ جهنگلي جيوَت کاتي جو وزير ٿيو؛ 1997ع واري چونڊ ۾ سرسي حاصل نہ ٿيس، جڏهن تہ 2008ع واري چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ کيس سنڌ جي ”ٽيڪنيڪل ايجيوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽيءَ“ جي وزارت جو قلمدان مليو. نوٽ: عبدالسلام ٿھيم 22 اپريل 2012ع تي وفات ڪري ويو.
1950.01.01 عيسوي
عبدالسلام ٿهيم پهرين جنوري 1950ع تي ڳوٺ طيب ٿهيم شهدادپور ۾ جنم ورتو
2012.04.22 عيسوي
عبدالسلام ٿهيم 22 اپريل 2012ع تي وفات ڪري ويو