ڊاڪٽر عبدالسلام
عبدالسلام، ڊاڪٽر: پاڪستان جي نامياري شخصيت، طبعيات جي علم جو ماهر، رياضيدان ۽ نوبل انعام کٽندڙ سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام جو جنم 29 جنوري 1926ع تي ضلعي جھنگ، پنجاب ۾ چوڌري محمد حسين جي گھر ۾ ٿيو. سندس والد پنجاب رياست جي ضلعي ۾ تعليم کاتي جو بالا آفيسر هو. عبدالسلام کي ننڍپڻ ۾ ئي تعليم سان گهري دلچسپي هئي، اهو ئي سبب هو، جو هن 14 سالن جي ڄمار ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان تمام سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري رڪارڊ قائم ڪيو. مئٽرڪ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ سبب کيس گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽيءَ، لاهور پاران اسڪالر شپ سان نوازيو ويو. شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ سندس لاڙو ابتدائي طور انگريزي ۽ اردو ادب طرف رهيو، پربعد ۾ رياضيءَ جو موضوع سندس توجهه جو مرڪز رهيو. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽيءَ جي چوٿين سال جي شاگرد هئڻ دوران هن شرينيواس رامانج جي رياضيءَ جي مسئلن بابت پنهنجو ڪم شايع ڪرايو. 1944ع ۾ هن رياضيءَ جي شعبي مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پنهنجي پيءُ جي خواهش مطابق انڊين سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪرڻ لاءِ هندستان ريلوي ۾ نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪيائين، پر طبي چڪاس ۾ اکين جي ڪمزوريءَ ۽ گھٽ عمر سبب سندس چونڊ نه ٿي سگهي. تنهن کانپوءِ 1946ع ۾ پاڻ ٻيهر گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي، لاهور مان رياضيءَ جي شعبي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين. ساڳئي سال کيس اسڪالر شپ ذريعي سينٽ جان ڪاليج، ڪئمبرج ۾ پڙهڻ جو موقعو مليو، جنهن تحت هن 1949ع ڌاري بي. اي آنرز ۾ ڊبل فرسٽ ڪلاس ڊگري حاصل ڪئي. 1950ع ۾ کيس فزڪس جي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ عيوض ڪئمبرج يونيورسٽيءَ طرفان اسمٿ انعام سان نوازيو ويو. ڪئمبرج مان ڊگريون حاصل ڪرڻ کانپوءِ فزڪس جي هڪ استاد فريڊ هئل کيس ’ڪئوينڊس ليبارٽري‘ (Cavendish laboratory) ۾ هڪ سال فزڪس بابت تحقيق ۽ تجربي جي آڇ ڪئي، جيڪا ڊاڪٽر عبدالسلام رد ڪئي ۽ پاڻ پنهنجي ڳوٺ جھنگ (پاڪستان) “ موٽي آيو. ڪجھه عرصي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪالر شپ تحت ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيا روانو ٿيو ۽ ڪئمبرج ۾ قائم ‘ڪئوينڊس ليبارٽري’ (Cavendish laboratory) مان ‘مطالعاتي فزڪس’ (Theoretical Physics) ۾ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊي ٿيسز جو عنوان Comprehensive and Fundamental Work in Quantum Electrodynamics هو. 1951ع ۾ سندس شايع ٿيل ٿيسز کيس بين الاقوامي اهميت جو حامل ايڊم انعام (Adams prize) حاصل ڪندڙ بڻائي ڇڏيو. ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1951ع ۾ پاڪستان موٽي آيو ۽ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽيءَ ۾ رياضيءَ جي پروفيسر جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ان کانپوءِ ڪجھه عرصي لاءِ پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ رياضيءَ جي شعبي جو چيئرمئن ۽ پروفيسر ٿي رهيو، جنهن دوران هن قدري ميڪانيات (Quantum Mechanics) جي موضوع کي انڊر گريجوئيٽ جي شاگردن جي نصاب لاءِ لازمي قرار ڏنو. هن 1953ع ڌاري لاهور ۾ تحقيقي اداري جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون، پر سخت مخالفت سبب سندس ڪوشش ناڪام ٿي. ساڳئي سال پاڻ پاڪستان اڪيڊمي آف سائنسز جو ميمبر بڻيو. پاڪستان ۾ سخت مخالفت ۽ محدود وسيلن سبب 1954ع ۾ واپس ڪئمبرج روانو ٿيو ۽ سينٽ جان ڪاليج ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز ٿيو.
ڊاڪٽر عبدالسلام کي 1957ع ۾ امپيريل ڪاليج لنڊن طرفان پائول ميٿيو (Paul Mathew) سان گڏجي چيئر ۽ مطالعاتي فزڪس جي قيام جي شعبي جي ذميواري ڏني وئي. وقت گذرڻ سان گڏ ميٿيو ۽ سندس قائم ڪيل اداري مان ايسٽيون وينبرگ، ٽام ڪيبل، جيرالڊ گورالبنڪ، سي. آر هيگن، رياض الدين ۽ جان وارڊ جهڙن ناليوارن ماهرن کان تعليم حاصل ڪري پنهنجو پاڻ مڃرايو. ساڳئي سال 1957ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ طرفان عبدالسلام کي اعزازي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگريءَ سان نوازيو ويو. هن پاڪستان ۾ فزڪس جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرن لاءِ اسڪالر شپ پروگرام جو آغاز ڪيو ۽ ڪئمبرج يونيورسٽيءَ ۾ مطالعاتي فزڪس جو هڪ گروپ تشڪيل ڏنو، جنهن ۾ اڪثريت پاڪستاني شاگردن جي هئي. 1959ع ڌاري پاڻ 33 سالن جي ڄمار ۾ رائل سوسائٽي ۽ پرنٽسن يونيورسٽي جي نوجوان فيلو هئڻ جو اعزاز ماڻيائين. 1980ع ۾ بنگلاديش اڪيڊمي آف سائنسز جو پرڏيهي فيلو مقرر ٿيو. عملي زندگيءَ ۾ سندس پرسنل اسسٽنٽ جين باؤڪلي (Jean Bouckley) ٿي رهيو. پاڪستان ۾ هن ائٽمي طاقت جي حوالي سان نوڪليئر فزڪس جي قيام ۽ واڌاري لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. ان ڏس ۾ پاڻ 1960ع ۾ اڳوڻي صدر ۽ فيلڊ مارشل ايوب خان جي آڇ تي پاڪستان موٽي آيو ۽ پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن ۾ ڏهن سائنسدانن سان گڏجي ڪم جي ابتدا ڪيائين. ان دوران کيس پاڪستان ۾ سائنسي معاملن جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو.
سيپٽمبر 1961ع ڌاري پهرين نيشنل اسپيس ايجنسي ‘اسپيس اينڊ اپر ايٽماسفيئر ريسرچ ڪميشن’ جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جو پهريون سربراهه ڊاڪٽر عبدالسلام هو. نومبر 1961ع ۾ هن پاڪستان جي نمائندگي ڪندي آمريڪي خلائي اداري ناسا (NASA) سان خلائي سهڪار جو معاهدو ڪيو، 1964ع ۾ هن پاڪستاني وفد (IAEA) جي اڳواڻي ڪندي عالمي دنيا کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي جو استعمال امن جي مقصدن لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن منير احمد خان (PAEC) جي چيئرمئن سان گڏ اٽليءَ جي شهر ٽسٽي ۾ مطالعاتي فزڪس جي بين الاقوامي اداري ‘انٽرنيشنل سينٽر آف ٿياريٽيڪل فزڪس’ جي قيام جي حمايت ڪئي، 1965ع ۾ ڪيناڊا ۽ پاڪستان وچ ۾ نيوڪليئر انرجيءَ جي معاملن ۾ سهڪار جي معاهدي تي صحي ڪيائين ۽ ڪراچيءَ ويجھو نيوڪليئر پاور پلانٽ جي منظوريءَ لاءِ ڪوششون ورتيون، ان سان گڏوگڏ ساڳئي سال 1965ع ۾ ’ايڊورڊ ڊورل اسٽون‘ (Edward Durrell Stone) جي گڏيل سهڪار سان نيلور، اسلام آباد ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي ادارو قائم ڪرڻ جي رٿا تي صحي ڪئي. 1971ع ڌاري ڊاڪٽر عبدالسلام جي ملاقات ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي سان ٿي، جنهن پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻائڻ خاطر سرڪاري سطح تي ڪوششون ورتيون. ڊاڪٽر عبدالسلام جن مشهور پرڏيهي ماهرن سان گڏجي ڪم ڪيو، انهن ۾: اسٽيون وينبرگ، جوگيش پتي، شيلڊون گلئشو، هگز بوسون، جان ڪلائيوارڊ ۽ ٻيا شامل آهن. 1979ع ۾ شيلڊون گلئشو وينبرگ سان گڏ ڊاڪٽر عبدالسلام کي دنيا جي تمام وڏي ۽ معتبر اوارڊ ‘نوبل انعام’ سان نوازيو ويو. ڊاڪٽر عبدالسلام ٻه شاديون ڪيون، پهرين زال مان کيس ٽن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جڏهن ته هن ٻي شادي 1968ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ماليڪيولر بائيو فزڪس جي پروفيسر ڊيم لوئس جانس سان ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد ٿيو. مذهبي حوالي سان ڊاڪٽڙ عبدالسلام جو تعلق احمدي فرقي سان هو، 1974ع ۾ پاڪستاني پارليامينٽ طرفان آئيني تبديلي تحت مذهبي فرقي احمدي کي غير مسلم قرار ڏيڻ بعد احتجاج طور پاڪستان ڇڏي مستقل طور لنڊن ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي 21 نومبر 1996ع تي طويل علالت بعد 70 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس مڙهه کي پاڪستان آڻي بهشتي مقبرا مقام، ربواهه، پنجاب ۾ سندس والدين ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. احمدي فرقي سان واسطي سبب هن کي سرڪاري مڃتا کان محروم ٿيڻو پيو ۽ پاڪستاني سرڪار طرفان فزڪس جي نصابي ڪتابن مان سندس نالو پڻ خارج ڪيو ويو.
هن پنهنجي علم ۽ قابليت جي آڌار تي جيڪي انعام، اوارڊ ۽ اعزاز حاصل ڪيا، تن جي فهرست هن ريت آهي: ’نوبل پرائز ان فزڪس‘ 1979ع، ’هو پڪنز پرائز‘ (1957ع)، ’ايڊمز پرائز‘ 1958ع، ’اسمٿ پرائز‘ 1950ع، ’ستاره پاڪستان‘ 1959ع، ’پرائڊ آف پرفارمنس، ميڊل ۽ اوارڊ‘ 1959ع، ’ميڪس ويل ميڊل’ 1961ع، ’هوگز ميڊل‘ 1964ع، ’ائٽم فار پيس اوارڊ‘ 1968ع، ’جي رابرٽ اوپن هيمر ميموريل ميڊل اينڊ پرائز‘ 1971ع، گوٿري (Guthrie) ميڊل ائنڊ پرائز‘ 1976ع، ’سر ديو پرساد سرواڌيڪاري گولڊ ميڊل‘ 1977ع، ’ماٽيئوسي ميڊل‘ 1978ع، ’جان ٽورينس ٽاٽي ميڊل‘ 1978ع، ’رائل ميڊل‘ 1978ع، ’نشان امتياز‘ 1979ع، ’آئنسٽائن ميڊل‘ 1979ع، ’شري آر ڊي برلا اوارڊ‘ 1979ع، ’آرڊر آف اينڊرس بيلو‘ 1980ع، ’آرڊر آف استقلال‘ 1980ع، ’جوزف اسٽيفن ميڊل‘ 1980ع، ’زيڪو سلواڪ اڪيڊمي، پراگ طرفان گولڊ ميڊل‘ 1981ع، ’پيس ميڊل، چارلس يونيورسٽي، پراگ‘ 1981ع ۽ ٻيا اوارڊ شامل آهن، ان کان علاوه جنيوا ۾ هڪ روڊ سندس نالي سان منسوب آهي. پاڪستان ۾ سندس وفات بعد مختلف ادارن کي سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو، جن ۾ هيٺيان شامل آهن:
(1) Abdul Salam National Center for Mathmatics (ASNCM) Government College University, Lahore, Pakistan.
(2) Abdul Salam Chair in Physics (ASCP) Government college University, Lahore, Pakistan.
(3) Abdul Salam International Center for Theoretical Physics, Trieste, Italy
(4) Abdul Salam School for Mathematical Sciences, Lahore, Pakistan.
(5) The Edword Bouchet Abdul Salam Institute (EBASI).
1926.01.29 عيسوي
رياضيدان ۽ نوبل انعام کٽندڙ سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام جو جنم 29 جنوري 1926ع تي ضلعي جھنگ، پنجاب ۾ چوڌري محمد حسين جي گھر ۾ ٿيو.
1996.11.21 عيسوي
ڊاڪٽر عبدالسلام 21 نومبر 1996ع تي طويل علالت بعد 70 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.