عبدالسميع ميمڻ

عبدالسميع ميمڻ

عبدالسميع ميمڻ

عبدالسميع ميمڻ: والي بال جي مشھور رانديگر عبدالسميع ميمڻ 28 فيبروري 1938ع تي تعلقي دادو جي ڳوٺ دوآٻي ۾ عبدالهادي ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ پرمانند هرداس مل هاءِ اسڪول دادو مان ڪيائين. جنهن بعد تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيارڪيائين، جتان آفيسر جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين. والي بال راند جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪيائين. راند ۾ تربيت استاد محمد وريل سومري ڪئي. ڪجهہ عرصو غالب ٽيم ۾ پريڪٽس ڪرڻ بعد 1956ع ۾ قربان ڪلب جو ميمبر ٿيو. هن جو ڇاتي وٽان بال کي ڌڪ هڻڻ وارو انداز ٻين اڪثر رانديگرن جي ڀيٽ ۾ منفرد رهيو، جو هن انداز ۾ اڪثر رانديگر ناڪام رهندا آهن، پر هن انهي انداز ۾ ڪاميابي ماڻي پنهنجو الڳ مقام جوڙيو. قربان ڪلب جي ڪاميابي ۽ مقبوليت ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي، قربان ڪلب کي اختلافن ۽ ڀڃ ڊاھہ کان بچائڻ ۾ سندن نيڪ نيت ۽ ڏاهپ جو ڪمال آهي، جو اڄ تائين هي ڪلب ڪاميابي سان سرگرميون جاري رکيو اچي. عبدالسميع، قربان ڪلب جو ڪئپٽن، جنرل ڪئپٽن ۽ سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هن وقت وڏي عمر سبب راند ڪرڻ ڇڏي ڏني اٿس، پر ڪلب جو تاحيات ميمبر آهي ۽ ڪلب جي ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ جاکوڙي رهيو آهي.


لفظ عبدالسميع ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.02.28  عيسوي

عبدالسميع ميمڻ 28 فيبروري 1938ع تي تعلقي دادو جي ڳوٺ دوآٻي ۾ عبدالهادي ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوي سيد قطب شاھہ
تاج محمد شيخ
خانبهادر سيد محمد ڪامل شاھہ
هوتچند آڏواڻي
روشن علي شاھہ روشن
عبدالباقي صديقي بکري
شاھہ محمد صوفي
بلقيس ايڌي
عبداللطيف بنگلزئي حاجي
رسول بخش خان گبول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون