عبدالعزيز شاھہ بخاري، مولانا: مشھور عالم مولوي عبدالعزيز ولد مولوي عبدالڪريم شاھہ، 1883ع ڌاري بمبئيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد اصل لکي غلام شاھہ، ضلعي شڪارپور جو رهاڪو هو. نوڪريءَ سانگي بمبئيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو، ۽ دارالعلوم ديوبند ۾ مدرس هو. والد جي وفات بعد عبدالعزيز جو خاندان لکي ۾ رهائش پذير ٿيو. تڏهن سندس عمر 12 ورهيہ هئي. عبدالعزيز والد جي وفات بعد سومراڻي شريف واري مدرسي ڪنزالعلوم لڳ رستم ۾ پنھنجي وڏي ڀاءُ مولوي غلام رسول شاھہ وٽان عربي فارسيءَ جي تعليم ورتي. ٽيهن سالن جي عمر ۾ بنگل ديري جي مدرسي مان دستاربند ٿيو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد چڪ شھر جي مسجد ۾ مدرسو کوليائين، جتي اٺ سال درس ڏنائين. ان بعد گهر ۾ تصنيفات جو ڪم شروع ڪيائين. پاڻ علم ابجد جو وڏو ڄاڻو هو. جنهن جي سکڻ لاءِ وٽس پري پري جا ماڻهو ايندا هئا. هن شاعري پڻ ڪئي. سندس ڪلام ۾ ڪافيون، ڏوهيڙا، نعتون، مولود، غزل، مثنوي ۽ مناجات وغيرہ ملن ٿيون. سندس ڪتاب ‘علم ابجد’ شايع ٿيو. سندس شاعري پوين وٽ محفوظ آهي. هن 1953ع ۾ وفات ڪئي. کيس هڪ پٽ جو اولاد هو. سندس پٽ انور علي شاھہ ڪلاسيڪل فنڪار هو. عبدالعزيز جي نالي پٺيان چڪ شھر ۾ اديبن ‘العزيز ادبي انجمن’ جو 1975ع ڌاري بنياد وڌو.