عبدالعزيز محدث ابهري مخدوم

عبدالعزيز محدث ابهري، مخدوم: عالم ۽ محدث مخدوم عبدالعزيز اصل ايران جي هرات شھر جو ويٺل هو، جتان اُن وقت جي حاڪم شاھہ اسماعيل صفويءَ جي ظلم سبب 918ھہ/1513ع ڌاري ڄام فيروزالدين بن ڄام نظام الدين جي وقت حڪومت ۾ پنھنجي ٻن پٽن مولانا اثيرالدين ۽ مولانا يار محمد (ڪتاب تذڪره مشاهير سنڌ، ڀاڱو ٻيو ۾ صفحي 219 تي مولانا جي پٽن جا نالا اميرالدين ۽ محمد لکيل آهن) سان گڏ سنڌ جي ڳوٺ ڪاهان (ڳاها) موجودہ ضلعي دادوءَ ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. ان وقت ڳاها ڳوٺ سمن حاڪمن جي وزير دولھہ دريا خان جي جاگير ۾ هو. سندس ٻئي پٽ بہ فضيلت ۽ ڪمال جا روشن ستارا ۽ يگانا عالم هئا. ڪتاب ‘قديم سنڌ، ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو’ ۾ ص 333 تي لکيل آهي تہ ‘مخدوم عبدالعزيز، مرزا شاھہ حسن ارغون جو استاد هو. پاڻ ۽ سندس ٻئي پٽ وڏا محدث هئا. مولانا اثيرالدين ڪڏهن ڪڏهن بيت ۽ مثنوي بہ چوندو هو. ارغون حاڪم سندن تمام گهڻي عزت ۽ حوصلہ افزائي ڪندا هئا. اهو زمانو مخدوم بلاول سمي باغباني شھيد وارو هو. ان وقت سڄي علائقي ۾ بلاولي تحريڪ جو زور هو. ڪتاب ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ ڀاڱو ٻيو جي صفحي 219 تي لکيل آهي تہ “ڄام نظام الدين پنھنجي علم دوستيءَ جي ڪري ڏاڍو مشھور هو، جنهن سبب هنن عالمن کي اهو علائقو پسند آيو ۽ اتي رهي پيا.
مير معصوم پنھنجي ڪتاب ‘تاريخ معصومي ’ ۾ لکي ٿو تہ “مولانا عبدالعزيز جون تصنيفون پسند جهڙيون آهن، جيڪي منهنجي ڪتبخاني ۾ موجود آهن.” سندس شاگردن مان محمد انور هڪ مشھور شاعر ۽ عالم هو، جيڪو ‘انوار قنڌاري’ جي تخلص سان لکندو هو. جنهن سمورو علم ڪاهان (ڳاها) مان پرايو. پوءِ وڃي ظھيرالدين بابر جو ملازم ٿيو. ۽ آخر همايون جي ملازمت ۾ سنڌ پهتو. هو سنڌ ۾ همايون سان سيوهڻ واري معرڪي ۾ گڏ هو. پوءِ هميشہ لاءِ سيوهڻ ۾ رهي پيو. مولانا عبدالعزيز کان قاضي عبدالله ابن قاضي ابراهيم (درٻيلائي) منطق، فلسفي ۽ معقولات جو علم حاصل ڪيو هو، جيڪو پڻ وڏو عالم هو. مير معصوم بکري ان جو شاگرد هو. ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ ڀاڱو ٽيون جي صفحي 36 تي لکيل آهي تہ قاضي ڏتو سيوستاني بہ مولانا عبدالعزيز جو شاگرد هو. مولانا عبدالعزيز ۽ سندن ٻنهي پٽن ڳاها ۾ وفات ڪئي. سندن مزارون بہ اتي ئي آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو