عبدالعليم صديقي قادري: ناميارو مفڪر، عالم، تحريڪ پاڪستان جو ڪارڪن ۽ ليکڪ عبدالعليم صديقي، 3 اپريل 1892ع تي ميرٺ (يو. پي) ۾ جنم ورتو. سندس والد عبدالحڪيم صديقي پنهنجي دور جو مشهور عالم ۽ شاعر هو. سندس تخلص جوش هو. مولانا عبدالعليم صديقي سورنهن سالن جي ڄمار ۾ اسلاميه قوميه ميرٺ مان درس نظاميءَ جي سند حاصل ڪئي. 1917ع ۾ بي. اي پاس ڪرڻ بعد اسلامي تبليغ ڏيڻ شروع ڪيائين. هن چاليهه سالن تائين آفريڪا، آمريڪا، انڊونيشيا، انگلنڊ، ملايا، سنگاپور جا دورا ڪري اسلام جو پيغام پهچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پنجاهه هزارن کان وڌيڪ ماڻهن اسلام قبوليو ۽ مسلمان ٿيا. ان کان سواءِ هن ڪيئي اسلامي ڪانفرنسون منعقد ڪيون، تبليغي تنظيمون، لائبرريون، ڪاليج ۽ بيشمار مسجدون قائم ڪيائين. 1951ع ۾ پوري دنيا جو سفر ڪيائين ۽ اسلام جي تبليغ ڪيائين. کيس انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. پاڪستان جو ناليوارو سياستدان ۽ مذهبي جماعت جمعيت العلماءَ جو مرڪزي صدر مولانا شاهه احمد نوراني سندس پٽ هو. عبدالعليم صديقيءَ ڪيئي ڪتاب لکيا، جن ۾ ‘اسلام ڪي ابتدائي تعليمات’، ‘انساني مسائل ڪا حل’، ‘احڪام رمضان ’ ، ‘مرزائي حقيقت‘، ’اشتراڪيت ڪيا هي’، ‘ذڪر حبيب’، ‘ڪتاب تصوف’، ‘بهار شباب’ کان سواءِ انگريزيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب سندس لکيل آهن: (1) What is Islam, (2) The principles of Islam, (3) Quest for True Happiness?
هن 22 آگسٽ 1951ع ۾ مديني ۾ وفات ڪئي. کيس مديني جي قبرستان جنت البقيع ۾ دفنايو ويو.
1892.04.03 عيسوي
عبدالعليم صديقي، 3 اپريل 1892ع تي ميرٺ (يو. پي) ۾ جنم ورتو.
1951.08.22 عيسوي
عبدالعليم صديقي 22 آگسٽ 1951ع ۾ مديني ۾ وفات ڪئي. کيس مديني جي قبرستان جنت البقيع ۾ دفنايو ويو.