عبدالعلي مير واري مسجد

عبدالعلي مير واري مسجد: هي مسجد ٺٽي پرڳڻي جي مسگرن جي محلي (ٽامي جي ٿانون ٺاهيندڙن جو محلو) ۾ هئي. انهي مسجد بابت مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي تحقيق ۾ ڄاڻائي ٿو ته، انهي مسجد واري هنڌ تي پهرين ’مھر‘ نالي هندن جي مڙهي هوندي هئي، جنهن کي ٺٽي جي مشھور لوڌي خاندان (مازندراني سادات) جي هڪ فرد، مير عبدالعلي بن سيد محمد بن سيد ابو الفتح بن مير ڪمال الدين بن سيد بدرالدين ڊبهرائي مسجد ٺهرائي جيڪا عبدالعلي واري مسجد جي نالي سان مشھور ٿي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته، سيد بدرالدين مازندراني 967ھہ/ 1560ع ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو، سندس تڙپوٽي مير عبدالعليءَ جيڪو پنھنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ نيڪ صفت بزرگ هو، اها مسجد اورنگ زيب عالمگير جي دؤر حڪومت (1069ھہ/1659ع کان 1118ھہ/ 1707ع تائين) ۾ هندن جي مڙهيءَ کي ڊهرائي تعمير ڪرائي. اها مسجد ٻارهين صدي هجري/ ارڙهين صدي عيسويءَ جي خاتمي تائين موجود هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو