عبدالغني قمبراڻي

عبدالغني قمبراڻي: اسٽيج ۽ ٽي. ويءَ جي اداڪار عبدالغني ولد ڌڻي بخش قمبراڻي، 12 آگسٽ 1975ع تي ڳوٺ فاروق آباد، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم انٽر آهي. کيس شاگرديءَ واري وقت کان ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق هو. پنھنجي شوق جي پورائي لاءِ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. سندس اسٽيج ڊرامن ۾ وڏيرو، پلاند، قيدياڻي، سنگدل، ماحول، ظالم ، توکان ٿيندي ڌار، حساب، يزيد، انتقام، انقلاب، قهر، ڏهڪاءُ ۽ سچ وڏو ڏوهاري آ ڊراما تمام گهڻا مقبول ٿيا. جن ۾ سندس اهم ڪردار آهي. هن دادو ضلعي جي مختلف شهرن ۾ اسٽيج ڊراما ڪيا. ڪي. ٽي. اين سميت ٻين سنڌي چئلن تي پڻ مختلف ڊرامن ۾ ڪردار ادا ڪري چڪو آهي. کيس پنھنجي فن ۾ مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ملي چڪا آهن. پاڻ هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي ۽ ثقافتي سرگرمين توڙي ڊرامن ۾ حصو وٺندو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.08.12  عيسوي

اسٽيج ۽ ٽي. ويءَ جي اداڪار عبدالغني ولد ڌڻي بخش قمبراڻي، 12 آگسٽ 1975ع تي ڳوٺ فاروق آباد، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلاول فقير زرداري
ٽراٽسڪي
جمعو شيدي 2
ريکا
شھاب الدين جيلاني قادري
شازيه عطا مري
راجا هرش
پرهياڙ مير محمد
ڀڳوان ايس گدواڻي
ڄيٺو منگلداس جرگياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون