عبدالغني قمبراڻي

عبدالغني قمبراڻي: اسٽيج ۽ ٽي. ويءَ جي اداڪار عبدالغني ولد ڌڻي بخش قمبراڻي، 12 آگسٽ 1975ع تي ڳوٺ فاروق آباد، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم انٽر آهي. کيس شاگرديءَ واري وقت کان ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق هو. پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. سندس اسٽيج ڊرامن ۾ وڏيرو، پلاند، قيدياڻي، سنگدل، ماحول، ظالم ، توکان ٿيندي ڌار، حساب، يزيد، انتقام، انقلاب، قهر، ڏهڪاءُ ۽ سچ وڏو ڏوهاري آ ڊراما تمام گهڻا مقبول ٿيا. جن ۾ سندس اهم ڪردار آهي. هن دادو ضلعي جي مختلف شهرن ۾ اسٽيج ڊراما ڪيا. ڪي. ٽي. اين سميت ٻين سنڌي چئلن تي پڻ مختلف ڊرامن ۾ ڪردار ادا ڪري چڪو آهي. کيس پنهنجي فن ۾ مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ملي چڪا آهن. پاڻ هن وقت پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي ۽ ثقافتي سرگرمين توڙي ڊرامن ۾ حصو وٺندو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.08.12  عيسوي

اسٽيج ۽ ٽي. ويءَ جي اداڪار عبدالغني ولد ڌڻي بخش قمبراڻي، 12 آگسٽ 1975ع تي ڳوٺ فاروق آباد، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بگن چانڊيو
تلڪ بال گنگاڌر
آر اي شاهه
آمنه سومرو ڊاڪٽر
پريمچند ڪيولرام شهاڻي
عنايت الله مرزا
ممتاز علي ڀنڊ
خافي خان
عبدالرحيم ڀرچونڊي
چانڊيو شادي خان ۽ سندس مقبرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون