عبدالغني منصور سيال

عبدالغني منصور سيال : نامور عالم ۽ شاعر، علامہ عبدالغني ولد ميان محمد بخش سيال، 1917ع ڌاري ڳوٺ لڪ سيال تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. مولانا قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. سنڌي فائنل جو امتحان ڳوٺ عرضي ڀٽيءَ جي اسڪول مان ڏنائين. پوءِ کيس ديني ۽ عربي علم پڙهڻ جو شوق جاڳيو، جنهن لاءِ ميروخان ۾ مولانا خوش محمد ۽ ڀانڊي قبي ۾ مولانا عبدالعزيز وٽ تعليم پرائڻ بعد مدرسي دارالهدى ٺيڙهي ۾ داخل ٿيو، جتان 1941ع ۾ دستار فضيلت جي پڳ ٻڌي فارغ التحصيل ٿيو. ان بعد سجاول ۾ مدرسو ’احياء العلوم‘ قائم ڪيائين، جتي 1956ع تائين دين جي اشاعت ۽ تبليغ جو ڪم ڪندو رهيو. 1957ع ڌاري پنهنجو آبائي ڳوٺ ڇڏي سانگهڙ ضلعي جي شھر شاهپور چاڪر ۾ اچي رهيو، جتي ’قاسم العلوم‘ مدرسي ۾ پڻ لڳاتار ٽيھہ ورهيہ عربي ادب ۽ علم جي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ قرآن جي تدريس ڪندو رهيو. سندس شاگردن جو وڏو تعداد ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر موجود آهي. مولانا عبدالغني عربيءَ جو سٺو شاعر ڳڻيو ويندو هو. سندس تخلص ’مهجور‘ هو، بعد ۾ تبديل ڪري ’منصور‘ تخلص اختيار ڪيائين. سندس عربي شاعريءَ جو علمي ۽ ادبي معيار بلند آهي. سندس عربي شاعريءَ جو مجموعو ’علامہ عبدالغني سنڌي و شعره عربي‘ جي نالي سان شايع ٿيل آهي، جنهن جي تقريظ مولانا غلام مصطفى قاسمي ۽ تقديم مولانا غلام مصطفى دادويءَ لکي آهي. سنڌ جو بھترين مقرر، ماهر استاد ۽ يگانو عالم هو. سندس وفات پهرين جون 1987ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.06.01  عيسوي

نامور عالم ۽ شاعر، علامه عبدالغني ولد ميان محمد بخش سيال، 1917ع ڌاري ڳوٺ لڪ سيال تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس وفات پهرين جون 1987ع تي ٿي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عباس شيخ
عبدالڪريم ڪورائي مولانا
آخوند محمد موسيٰ ڀٽي سيتائي
ذهبي
حافظ قاضي لعل محمد متعلوي
شيخ فتح محمد
پنگل
عبدالعليم صديقي قادري
عبدالغفور ٺٽوي، مخدوم
عبدالله مري مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون