عبدالغني منصور سيال

عبدالغني منصور سيال : نامور عالم ۽ شاعر، علامہ عبدالغني ولد ميان محمد بخش سيال، 1917ع ڌاري ڳوٺ لڪ سيال تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. مولانا قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. سنڌي فائنل جو امتحان ڳوٺ عرضي ڀٽيءَ جي اسڪول مان ڏنائين. پوءِ کيس ديني ۽ عربي علم پڙهڻ جو شوق جاڳيو، جنهن لاءِ ميروخان ۾ مولانا خوش محمد ۽ ڀانڊي قبي ۾ مولانا عبدالعزيز وٽ تعليم پرائڻ بعد مدرسي دارالهدى ٺيڙهي ۾ داخل ٿيو، جتان 1941ع ۾ دستار فضيلت جي پڳ ٻڌي فارغ التحصيل ٿيو. ان بعد سجاول ۾ مدرسو ’احياء العلوم‘ قائم ڪيائين، جتي 1956ع تائين دين جي اشاعت ۽ تبليغ جو ڪم ڪندو رهيو. 1957ع ڌاري پنهنجو آبائي ڳوٺ ڇڏي سانگهڙ ضلعي جي شھر شاهپور چاڪر ۾ اچي رهيو، جتي ’قاسم العلوم‘ مدرسي ۾ پڻ لڳاتار ٽيھہ ورهيہ عربي ادب ۽ علم جي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ قرآن جي تدريس ڪندو رهيو. سندس شاگردن جو وڏو تعداد ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر موجود آهي. مولانا عبدالغني عربيءَ جو سٺو شاعر ڳڻيو ويندو هو. سندس تخلص ’مهجور‘ هو، بعد ۾ تبديل ڪري ’منصور‘ تخلص اختيار ڪيائين. سندس عربي شاعريءَ جو علمي ۽ ادبي معيار بلند آهي. سندس عربي شاعريءَ جو مجموعو ’علامہ عبدالغني سنڌي و شعره عربي‘ جي نالي سان شايع ٿيل آهي، جنهن جي تقريظ مولانا غلام مصطفى قاسمي ۽ تقديم مولانا غلام مصطفى دادويءَ لکي آهي. سنڌ جو بھترين مقرر، ماهر استاد ۽ يگانو عالم هو. سندس وفات پهرين جون 1987ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.06.01  عيسوي

نامور عالم ۽ شاعر، علامه عبدالغني ولد ميان محمد بخش سيال، 1917ع ڌاري ڳوٺ لڪ سيال تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس وفات پهرين جون 1987ع تي ٿي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ
شھاب الدين نهڙي مولوي
عبدالغني منصور سيال
شاھہ ولي ٺٽوي سيد
الحاج سيد پير الهيار شاھہ
شاھہ عنايت ﷲ جيلاني
صادق سومرو مولانا
فتح محمد نظاماڻي
عبدالرحمان جمالي مولانا
پنهور ميان محمد صديق
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون