عبدالفتاح ميمڻ 1

عبدالفتاح ميمڻ 1: اڳوڻو سفير ۽ نامور سياستدان عبدالفتاح ولد حاجي ولي محمد ميمڻ، 21 آڪٽوبر 1920ع تي شڪارپور شهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول شڪارپور مان، مئٽرڪ 1937ع ۾ هوپفل اڪيڊميءَ مان، بي. اي ۽ ايل. ايل. بي بمبئيءَ مان 1942ع ۾ ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ساڳئي سال لاڙڪاڻي شهر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪري فوجداري ۽ سول شعبي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. هن جون تعليم لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن. عبدالفتاح ميمڻ ‘تحريڪ پاڪستان’ ۽ مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ رهيو. هيءُ لاڙڪاڻي شهر لاءِ مسلم ليگ جو 1947ع ۾ جنرل سيڪريٽري، 1948ع ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري، 1950ع ۾ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري، 1946ع کان 1948ع تائين، آل پاڪستان مسلم ليگ ڪانفرنس جو جنرل سيڪريٽري رهيو. 1952ع ۾ وارهه تعلقي مان مقامي وڏيري حاجي خان ڪلهوڙي کي شڪست ڏئي سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1950ع ۾ پاڪستان ريڊ ڪراس جو ميمبر، 1953ع ۾ نارٿ ريلوي ايڊوائيزري بورڊ جو ميمبر، سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ 1981ع ۾ بين الاقوامي قانون جو اعزازي پروفيسر، 1980ع کان 1990ع تائين ايل ايل ايم ۽ اسلامڪ قانون پڙهائڻ لاءِ اعزازي پروفيسر ٿي رهيو. 1953ع ۾ وزيراعظم خواجه نظام الدين پاران کيس مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽيءَ تي مقرر ڪيو ويو، جتي 1958ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ 1955ع ۾ اقوام متحده جي ڏهين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جو ميمبر رهيو. عبدالفتاح لاڙڪاڻو ڪوآپريٽو ڪاليج ايجوڪيشن سوسائٽي لميٽڊ جو بنياد رکيو، ۽ 1954ع کان 1963ع تائين جنرل سيڪريٽري رهيو، جنهن جي پليٽ فارم تان لاڙڪاڻو آرٽس ڪاليج، ڪامرس ڪاليج ۽ لا ڪاليج قائم ڪرايائين. 1962ع وارين چونڊن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي خلاف اليڪشن وڙهڻ لاءِ فارم ڀرايو. هيءُ 1963ع کان 1967ع تائين پاڪستان حڪومت طرفان سعودي عرب لاءِ سفير مقرر ٿيو. اتان واپسيءَ بعد ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ ايس. ايم. لا ڪاليج ۾ پڙهائڻ سان گڏ وڪالت به ڪرڻ لڳو. هيءُ حڪومت طرفان ولي خان ڪيس جي خاص ٽربيونل جو 1973ع ۾ ميمبر هو. عبدالفتاح ڪيترن ئي ملڪن جو سفر پڻ ڪيو، جن ۾: فرانس، انگلنڊ، آمريڪا، سعودي عرب وغيره قابل ذڪر آهن. سندس انگريزيءَ ۾ چار ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ آئل اينڊ فيٿ (1966ع)، انويٽيشن ٽو نيو سوسائٽي (1968ع)، ڪانسيپٽ آف پراونشل ائٽانامي اينڊ پاڪستان (1968ع) ۽ ڪانسٽيٽيوشن اينڊ قرآن (1968ع) قابل ذڪر آهن. کيس چئن پٽن ۽ هڪ ڌيءُ جو اولاد ٿيو. هن 31 جنوري 2002ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.10.21  عيسوي

اڳوڻو سفير ۽ نامور سياستدان عبدالفتاح ولد حاجي ولي محمد ميمڻ، 21 آڪٽوبر 1920ع تي شڪارپور شهر ۾ پيدا ٿيو.


2002.01.31  عيسوي

نامور سياستدان عبدالفتاح 31 جنوري 2002ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اڪرم مڱڻهار
الڀو شيخ ٺٽوي
روي شنڪر پنڊت
احمد خان ملڪاڻي
ايوب خان
رکيو لنڊ
رانجهو
استاد جمالو خان
درازي سخي قبول محمد ٽيون
جانڪي ديوي ٿانواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون