عبدالفتاح ميمڻ

عبدالفتاح ميمڻ

عبدالفتاح ميمڻ 2

عبدالفتاح ميمڻ 2: نامور سياستدان عبدالفتاح ميمڻ، 31 جولاءِ 1932ع ۾ شھر ڀريا، ضلعي نوشهري فيروز ۾ علي نواز ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ۽ انٽر مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. ڪراچيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ 1957ع ۾ سـنـڌ مـسلـم لا ڪـالـيـج ڪـراچـيءَ مـان وڪالت پاس ڪيائين. تعليم مان فارغ ٿـيـڻ بـعد نـوابشـاھہ ۾ وڪـالت شروع ڪيائين. ٿوري عرصي ۾ سـندس شمار وڏن قـانـونـي ماهرن ۾ ٿيڻ لڳو. کيس فـوجـداري ڪـيـسن تي دسترس حاصل هئي. هن 1958ع ۾ پنھنجي خاندان مان شـادي ڪئي. شاديءَ کانپوءِ سياسي ميدان ۾ بہ پير پاتائين. هيءُ شروع ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، کيس ضلعي نوابشاھہ لاءِ صدر مقرر ڪيو ويو. ان وقت نوابشاھہ ۽ نوشهري فيروز هڪ ضلعو هوندو هو، ڪجهہ وقت کانپوءِ پارٽي ڌڙا بنديءَ جو شڪار ٿي وئي، تڏهن پاڻ 1964ع ڌاري مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. صدر ايوب جي دور حڪومت ۾ ڪيترائي ڀيرا گرفتار بہ ٿيو. کيس 1965ع ۾ فاطمہ جناح نوابشاھہ مان بي. ڊي جي اليڪشن ۾ انور ميمڻ وڪيل جي مقابلي ۾ اميدوار بيهاريو، جنهن تان ڪامياب ٿيو. 5 جنوري 1968ع تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو، قاضي فيض محمد وٽ آيو تہ ڀُٽي صاحب عبدالفتاح ميمڻ کي پاڻ وٽ گهرائي پارٽيءَ ۾ شموليت لاءِ دعوت ڏني، جيڪا قبول ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. کيس 1971ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي نوابشاھہ جو صدر مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ انهي سال کيس پيپلز پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي هو 1977ع تائين رهيو. کيس 1977ع واري اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ، جماعت اسلامي ۽ محمد اڪبر اڄڻ جي مقابلي ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي اميدوار بيهاريو، جتان کيس ڪاميابي حاصل ٿي. کيس ضياءُ الحق واري مارشلا جي دور ۾ ست ڀيرا گرفتار ڪيو ويو. ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران 15 آگسٽ 1983ع تي آخري ڀيرو گرفتار ڪيو ويو، جنهن دوران 20 مئي 1984ع تائين ڪراچيءَ جي جيل ۾ کيس قيد رکيو ويو. آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر وڪالت شروع ڪيائين ۽ سياست کان ڪنارہ ڪشي اختيار ڪيائين. عبدالفتاح ميمڻ 30 سيپٽمبر 1999ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.07.31  عيسوي

نامور سياستدان عبدالفتاح ميمڻ، 31 جولاءِ 1932ع ۾ شهر ڀريا، ضلعي نوشهري فيروز ۾ علي نواز ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.


1999.09.30  عيسوي

عبدالفتاح ميمڻ 30 سيپٽمبر 1999ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ﷲ ورايو محمدي ڏيپلائي
قيصر نقوي
ڀوڄراج شيوڪ
امتياز قاضي
پنڊت ڀڄن سوپاري
شيرين مزاري
فھد مصطفيٰ
تارڙ رفيق احمد
علياڻي محمد ڄام
صديقي غلام عمر مخدوم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون