عبدالقادر بدايوني: مشھور تاريخدان، مترجم ۽ ديني شخصيت عبدالقادر بدايوني، 21 آگسٽ 1540ع (17 ربيع الثاني 947ھہ) ۾ توڙا ڀيم نالي ڳوٺ، جئہ پور رياست (هندستان) ۾ ڄائو. هن سنسڪرت مان رامائڻ ۽ مهاڀارت نالي ڪتابن کي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هي مغلن جي دور جي اهم شخصيت هو. هن پنھنجي تعليم وقت جي مشھور عالم شيخ هيتم سنڀلوي کان حاصل ڪئي. 1558ع ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هو آگري آيو، جتي 1561ع تائين رهيو. سندس والد ملوڪ شاھہ 1561ع ۾ وفات ڪئي، تہ پاڻ بدايون هليو ويو. جلد ئي کيس پٽيالي جي شھزادي حسين خان پنھنجي جاگير ۾ قاضي مقرر ڪيو. جنهن ڪري ان سان گڏ هو لکنؤ هليو ويو. 1574ع ۾ هن حسين خان جي ملازمت کي ڇڏي ۽ اڪبر بادشاھہ جي درٻار ۾ امام مقرر ڪيو ويو. اڪبر بادشاھہ سندس لياقتن کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس جاگير عطا ڪري مستقل طور پنھنجي درٻار سان سلهاڙي ڇڏيو. پر جلد ئي اڪبري درٻار جي ٻن رتنن: علامہ ابوالفضل ۽ ملا فيضيءَ سان سندن دينِ الاهي مذهب تي اختلاف ٿي پيا، ڇو تہ هي سني طريقي جو عالم هو، جنهن ڪري درٻار ڇڏي آيو، ۽ وري ڪڏهن بہ درٻار ۾ نہ ويو. پاڻ 65 سالن جي عمر ۾ 5 نومبر 1605ع ۾ آگري ۾ وفات ڪري ويو. سندس اهم ڪم ‘منتخب التواريخ’ نالي ڪتاب آهي. جيڪو هن 1595ع ۾ لکي پورو ڪيو. هي ڪتاب ‘تاريخ بدايوني’ جي نالي بہ سڏيو وڃي ٿو. هي ڪتاب ٽن جلدن ۾ آهي، جنهن ۾ هن مسلمان حاڪمن جي تاريخ ڏني آهي. هن ڪتاب جو پهريون جلد غزنوي حڪمرانن کان شروع ٿي همايون مغل جي وفات تي ختم ٿئي ٿو، ٻيو جلد اڪبر بادشاھہ جي پوين چاليهن سالن جي حڪمرانيءَ بابت آهي، جڏهن تہ ٽيون جلد مسلمان شاعرن، حڪمين، عالمن جي تذڪرن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب لکڻ لاءِ هن پنھنجي آڏو نظام الدين ملڪ جو ڪتاب ‘طبقاتِ اڪبري’ سامهون رکيو هو. سندس ڪتاب ‘منتخب التواريخ’ سندس حياتيءَ ۾ منظرعام تي اچي ڪونه سگهيو هو، ڇو تہ هن اڪبر بادشاھہ جي خلقيل دين ‘دينِ الاهيءَ’ تي ان ڪتاب ۾ تمام گهڻي تنقيد ڪئي هئي، ان لاءِ هي ڪتاب مخفي رکيو ويو هو. بدايوني فارسيءَ جو شاعر بہ هو ۽ قادري تخلص استعمال ڪندو هو، پر سندس ڪو بہ شعر محفوظ ڪونه آهي. هن 40 حديثن کي گڏ ڪري هڪ ڪتاب ‘ڪتاب الحديث’ بہ لکيو هو. هن هڪ ڪتاب ‘نجات الرشد’ صوفي روايتن ۽ مهدوي تحريڪ بابت لکيو هو. ياقوتيءَ جي مشھور ڪتاب ‘مجمع البلدان’ کي بہ عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. هن مهاڀارت ۽ رامائڻ کي فارسي ترجمي ڪرڻ کان سواءِ راجا وڪرماجيت جي ‘سنگهاسن بتيسي’ نالي ڪتاب کي هنديءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو.
1540.08.21 عيسوي
مشهور تاريخدان، مترجم ۽ ديني شخصيت عبدالقادر بدايوني، 21 آگسٽ 1540ع (17 ربيع الثاني 947هه) ۾ توڙا ڀيم نالي ڳوٺ، جئه پور رياست (هندستان) ۾ ڄائو.
1605.11.05 عيسوي
عبدالقادر بدايوني 65 سالن جي عمر ۾ 5 نومبر 1605ع ۾ آگري ۾ وفات ڪري ويو.