عبدالقادر بلو

عبدالقادر بُلو: وطن دوست شخص عبدالقادر بلو، 1894ع ۾ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. انگريزن جي دؤر ۾ ريلوي پوليس جو انسپيڪٽر هو، بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ڪئي هئائين، امتحان دؤران هڪ انگريز انويجيليٽر پاران مسلمانن لاءِ حقارت ڀريل جملن چوڻ تي هن جي ساڻس جهڙپ ٿي هئي، جنهن تي کيس ريسٽيڪيٽ بہ ڪيو ويو. هي جڏهن ريلوي ۾ انسپيڪٽر هو تہ کيس مولانا عبيد سنڌيءَ جي گرفتاريءَ جا وارنٽ ڏئي هڙتال دوران کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، پر هن پنهنجن ڀائرن حسن علي ۽ نور اِحمد جي مدد سان مولانا عبيد سنڌيءَ کي، مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي چوڻ تي امروٽ کان ڏاند گاڏيءَ ذريعي روهڙي پھچايو. جتان عبدالقادر کيس ريل ذريعي چمن تائين پهچائي بارڊر ٽپائي افغانستان موڪلڻ جو اعزاز ماڻيو. عبدالقادر جو ڀاءُ نور احمد بلو، مشھور اديب تاج بلوچ جو والد هو، جنهن جي وفات کانپوءِ تاج بلوچ جي پرورش ۽ تعليم جي نگراني عبدالقادر بُلي ڪئي. هي ڄام صادق ۽ ڄام انور عليءَ جو اتاليق بہ رهيو، آخري عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪاروبار ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو