عبدالقادر سيوهاڻي مولانا

عبدالقادر سيوهاڻي،مولانا:عالم ۽ خطاط مولانا عبدالقادر بن حافظ محمود سيوهاڻي تيرهين صدي ۾ ٿي گذريو آهي. پاڻ اعليٰ پايي جو خطاط هو. سندس هٿ اکرن سان علامہ قاسم بن قطلوبغا جو ڪتاب ‘تاج التراجم’ جيڪو پهرين ليٿو ۾ ڇپيو ۽ پوءِ عراق جي شھر بغداد مان مڪتبه مثنيٰ وارن ڇپيو، ان جو قلمي نسخو سيوهڻ ۾ حڪيم قاضي محمد مراد وٽ موجود هو. جنهن تي ڪتاب مڪمل ڪرڻ جو سال 1211ھہ/1796ع ڄاڻايل آهي، مولانا عبدالقادر کي حنفي فقهاءَ جي سوانح حيات تي دسترس حاصل هئي. مولانا عبدالقادر جي ڄمڻ ۽ وفات جي تاريخن جي خبر پئجي نہ سگهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو