عبدالقادر نصرپوري: نامور عالم، فارسي شاعر ۽ نثر نويس سيد عبدالقادر بن سيد هاشم بن سيد محمود، نصرپور جي رضوي ساداتن جي محمد پوٽا شاخ مان هو. رضوي ساداتن مان سيد علاؤالدين بن سيد ابراهيم (ثاني) جي اولاد مان سيد سلطان يزيد بن محمود بن فخر الدين ۽ سندس فرزند سيد مبارڪ (اول) سمن جي پوئين دؤر ۾ بکر مان لڏي اچي نصرپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سيد سلطان بايزيد، شاهه بيگ ارغون جو همعصر هو. سيد عبدالقادر سنڌ جو پهريون تذڪره نويس هو، جنهن ‘حديقة الاولياءِ سنڌ’ ڪتاب لکيو، جيڪو سنڌ ۾ تذڪره نويسيءَ ۾ پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي سيد حسام الدين شاهه راشديءَ ترتيب ۽ ترجمو ڪري ڇپايو. ‘حديقة الاولياءِ سنڌ’ فارسيءَ ۾ لکيل آهي. پير حسام الدين انهي تذڪري ۾ ڪتاب جي مؤلف سيد عبدالقادر کي مير علي شير ‘قانع’ ٺٽويءَ جي ٻن ڪتابن: ‘تحقة الڪرام’ ۽ ‘مقالات الشعرا’ ۾ راوين جي بيان جي آڌار تي ٺٽوي ڄاڻايو آهي، جڏهن ته هو اصل ۾ ٺٽي جو نه، پر نصرپور جو هو. پير حسام الدين راشديءَ اهو به ڄاڻايو آهي ته، مؤلف سيد عبدالقادر جي سلسلي ۾ معلومات نهايت محدود آهي. فقط مير علي شير قانع جي ٻن ڪتابن ۾ سندس متعلق چند سٽون ملن ٿيون. انهي نسبت سان پير راشد ڪتاب جي ڇاپي جي مٿان ‘حديقة الاولياءِ’، تاليف: سيد عبدالقادر بن سيد هاشم بن محمد ٺٽوي ڪري لکيو آهي. جڏهن ته ‘حديقة الالياءِ سنڌ’ جي هڪ قلمي نسخي، جيڪو خيرپور ميرس جي ڪتب خاني ۾ محمد قاسم سومري وٽ موجود آهي، ان ۾ سيد عبدالقادر کي نصرپور جو ڄاڻايل آهي. ان کان علاوه نصرپور جي رضوي ساداتن وٽ موجود رضوي ساداتن جي شجري مان پڻ پتو پوي ٿو ته، سيد عبدالقادر اصل نصرپور جو هو. جڏهن قديم دؤر ۾ ٺٽو علم جو وڏو مرڪز هو، جتي وڏا عالم، اديب، شاعر ۽ صوفي بزرگ ايندا رهندا هئا. انهن مان اڪثر عالمن ۽ بزرگن جي باري ۾ صحيح احوال نه ملڻ ڪري انهن کي ٺٽي جو ڪري ڄاڻايو ويو آهي. هن جي ٺٽي جي وڏن عالمن، بزرگن ۽ اهل طريقت وارن سان تمام گهڻي عقيدت هئي. ڪيترن سان سندس محبت هئي ۽ ملاقاتون پڻ هيون. هن پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي باري ۾ ‘حديقة الالياءِ سنڌ’ ۾ ڪٿي به ڪجهه نه لکيو آهي. سيد عبدالقادر جي وفات جي سال جي ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي. هن پنهنجو تذڪرو ‘حديقة الالياءِ سنڌ’ 1016هه/ 1607ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ پنهنجي انهي تاليف کي وقت جي امير ۽ صاحب اقتدار خسرو چرڪس ڏانهن منسوب ڪيو هئائين. خسرو چرڪس جو اقتدار 1019هه/ 1610ع تائين سنڌ مٿان قائم رهيو. انهي مان گمان آهي ته سيد عبدالقادر يارهين صدي هجريءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ وفات ڪئي هوندي.