ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ

ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ

عبدالقادر چاچڙ ڊاڪٽر

عبدالقادر چاچڙ، ڊاڪٽر: نامور عالم دين، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ ولد مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ پهرين جنوري 1970ع تي ڳوٺ مولوي محمد يوسف چاچڙ تعلقي ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سنڌ جو وڏو عالم دين ۽ مفتي آهي. هن ابتدائي ديني تعليم مدرسہ دارالعلوم الشرعيه روهڙيءَ مان حاصل ڪئي. 1990ع ۾ مدرسہ اشرفيه مان دوره حديث پڙهي فارغ التحصيل ٿيو. سندس استادن ۾ مولانا عبدالهادي ميمڻ،مولانا قاري خليل احمد بنڌاني، مولانا عبدالمجيد شھيد دينپوري، مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ شامل آهن. 1997ع ۾ ڊاڪٽر محمد يوسف ميمڻ جي نگرانيءَ هيٺ ‘ڪتاب شرح وقايه ۽ ان ۾ آيل حديثن جي تخريج’ تي مقالو لکي شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم. فل ۽ 2009ع ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار انصاريءَ جي نگرانيءَ هيٺ ‘قرآن شريف جي روشنيءَ ۾ عورتن جا معاشي ۽ معاشرتي حق’ تي مقالو لکي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. عبدالقادر چاچڙ سٺو محقق بہ آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ‘عورتن جي لاءِ سوکڙي’ (فبروري 2002ع)، (2) ‘خطبات مولانا عبدالڪريم قريشي’ (2001ع) ۽ (3) ‘صدارتي تقرير مولانا تاج محمود امروٽي’ (2002ع) قابل ذڪر آهن. سندس پنھنجي ذاتي لائبريري گهوٽڪيءَ ۾ قائم ڪيل آهي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي، اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي ڪتاب موجود آهن. پاڻ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گهوٽڪيءَ جو پرنسيپال آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.01.01  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ ولد مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ پهرين جنوري 1970ع تي ڳوٺ مولوي محمد يوسف چاچڙ تعلقي ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين سنڌي سيوستاني
خادم حسين شاھہ نقوي
سفيان ثوري
ٿانوي اشرف علي مولانا
غلام محمد گرامي
حاجاڻو محمد يعقوب مولانا
ابوالحسن ڏاهري
آخوند ﷲ بخش ڀٽي سيتائي
اي ٽي شھاڻي
حسين بن دلدار علي علامہ
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون