عبدالقادر چولياڻي

عبدالقادر چولياڻي: مشھور صوفي درويش ۽ شاعر، عبدالقادر چولياڻي ولد محمد رمضان چانڊيو، 1898ع ڌاري وارھہ، ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قنبر شھدادڪوٽ) ۾ پيدا ٿيو. قادري سلسلي سان لاڳاپيل هو. نئون ديرو جي راشدي خاندان جي سيد بخشڻ شاھہ جو مريد ٿيو ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪيائين. سندس ڪلام ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گڏ ڪيو. سندس ڪلام ۾ ڏوهيڙا، بيت، ڪافيون، مداحون، سينگار جا بيت وغيرہ شامل آهن. سندس ڪيترو ئي ڪلام ضايع ٿي ويو. سندس نالي جي پٺيان وارھہ شهر، ڀرسان ڳوٺ قائم آهي. هن 1986ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: چولياڻي هن چانڊئي تي، راضي ٿيو آ رب، پناھہ ڏيندو پرور، منهنجو شاھہ رکندو شب، هن عبدالقادر کي، ڏجان ايمان وارو ادب، مولا ميل محب، تہ سئو ڀيرا صدقو وڃان.


لفظ عبدالقادر چولياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو