
عبدالقيوم سڪندري مهر
عبدالقيوم سڪندري مھر: حافظ عبدالقيوم سڪندري ولد عبدالله فقير مھر 3 فيبروري 1982ع تي ڳوٺ سوندر، تعلقي ننگرپارڪر، ٿر ۾ جنم ورتو. هن بي. اي پاس ڪرڻ سان گڏ جامعہ راشديه درگاھہ پير جو ڳوٺ مان فارسي ۽ عربيءَ ۾ درس نظاميءَ جو ڪورس پڻ ڪيو. هن جامعہ راشديه ۾ تعليم دوران مولوي عالم ۽ فاضل عربيءَ جا امتحان حيدرآباد بورڊ مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيا. جامعہ راشديه مان ئي شهادت العاليه (بي. اي) ۽ شهادت العالميه (ايم. اي) عربڪ و اسلامڪ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ ڪيائين ۽ 2005ع ۾ جامعہ راشديه مان دستار فضيلت حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم.فل ڪري رهيو آهي. هن تعليم دوران ئي لکڻ شروع ڪيو. سندس لکڻيون الراشد پير جو ڳوٺ، ماهوار الهديٰ شاهپور چاڪر، سلسليوار جهونگار، منصور سانگهڙ سان گڏ ٻين ڪيترن ئي رسالن توڙي اخبارن ۾ سندس مضمون، مقالا، ڪالم، خط، شاعري، خاڪا، انٽرويو ۽ رپورٽون ڇپيل آهن. ان کانسواءِ هن ڪيترائي ڪتاب بہ تصنيف ڪيا آهن ۽ وڏن عالمن سان گڏ سندن تصنيفات جي سهيڙ سنوار ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘عظيم شخصيت- عظيم ڪردار’ (1999ع)، ‘جامعہ راشديه جا پنجاھہ سال’ (2004ع) (مرتب: مفتي محمد رحيم سڪندري)، ‘سونهن ڀريو سوندر’ 2005ع)، ‘خزانة الفقه’ (2008ع)، ‘خزينة الاوراد’ (2009ع)، ‘باتاج بادشاھہ’ (2012ع)، ‘الراشد ڇٽ ڌڻي نمبر’ (2012ع) ۽ ‘شام جون زيارتون’ (2009ع) وغيرہ قابل ذڪر آهن ۽ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيڻ لاءِ تيار آهن. هن وقت پاڻ ماهوار ‘الراشد’ پير جو ڳوٺ جو ايڊيٽر هئڻ سان گڏ مدرسہ صبغة القرآن شاھہ مردان شاھہ سنجهورو ضلعي سانگهڙ ۽ مدرسہ صبغة الفرقان اَوَڍ، تعلقي سانگهڙ ٻنهي علمي ادارن جون انتظامي ۽ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
1982.02.03 عيسوي
حافظ عبدالقيوم سڪندري ولد عبدالله فقير مهر 3 فيبروري 1982ع تي ڳوٺ سوندر، تعلقي ننگرپارڪر، ٿر ۾ جنم ورتو.