عبداللطيف بنگلزئي، حاجي: شاعر، محقق ۽ مقالانگار حاجي عبداللطيف بنگلزئي، پهرين جنوري 1954ع تي پڙنگ آباد، مستونگ (بلوچستان) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي مير قيصرالدين هو. جيڪو علم ادب سان گهڻو لڳاءُ رکندڙ هو. حاجي عبداللطيف بنگلزئي پرائمري تعليم 1970ع ۾ پنھنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1973ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ولي خان مستونگ روڊ مان ڪيائين. انٽر 1975ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج مستونگ مان ۽ گريجويئشن ۽ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) 1982ع ۾ ڪيائين. بي ايڊ، ايم.ايڊ ڪرڻ کانسواءِ 1992ع ۾ براهوي ۾ ايم اي بہ ڪيائين. 2009ع ۾ ڊاڪٽر عبدالرحمان بروهيءَ جي نگرانيءَ ۾ ”براهوي ٻولي ۽ ادب جي ترقي“ ۾ رسالن جو حصو“ جي موضوع تي علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ايم فل ڪيائين. درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل آهي. هن براهوي ادبي سيمينارن ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هر سال سنڌ ۾ فريد آباد ۾ ٿيندڙ بروهي سيمينار ۾ شرڪت ڪندو رهندو آهي.
سندس ڪتابن جو تفصيل هن طرح آهي. (1) گرگيس براهوي انشائيا 1995ع، (2) براهوي پن ڪا جائزه (نالن تي تحقيق 1997ع)، (3) ملو (ٻارن لاءِ ڪتاب)، (4) براهوي انشائيه نگاري (فن و تحقيق 1998ع)، (5) لطيفيات (انشائيه مجموعه 2005ع)، (6) ”محمد صلي ﷲ عليہ وسلم“ (سيرت پاڪ: 2005ع، اوارڊ يافتہ). ان کانسواءِ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار آهن. سندس ڪتاب لطيفيات شاھہ لطيف بابت آهي.