عبداللطيف تنيو ڊاڪٽر

عبداللطيف تنيو ڊاڪٽر : ڊاڪٽر عبداللطيف تنيو، ولد فقير مولا بخش تنيو، 10 سيپٽمبر 1952ع تي ڳوٺ محمد عثمان تنيي، تعلقي ڀريا، ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ ڊي. سي هاءِ اسڪول ٺارو شاھہ مان ڪيائين. هن بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪئي. 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي بين الاقوامي تعلقات شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، ان عرصي دوران هن قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري پڻ حاصل ڪري ورتي. ڊاڪٽر عبداللطيف تنيو، هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ ائسوسيئيٽ پروفيرسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.09.10  عيسوي

ڊاڪٽر عبداللطيف تنيو، ولد فقير مولا بخش تنيو، 10 سيپٽمبر 1952ع تي ڳوٺ محمد عثمان تنيي، تعلقي ڀريا، ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايس بي جان
شجاعت علي بکري
محمد عمر ٿھيم
درازي سخي قبول محمد چوٿون
حاجي بھرام عرف حاجي بهران
پائلو بياجي
شھداد خان ٽالپر اول
الھہ بخش ٽالپر
پير بھاءُ الدين بھا سرهندي
دهشلا راڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون