عبداللطيف ثاني ٺٽوي مخدوم

عبداللطيف ثاني ٺٽوي، مخدوم: تيرهين صديءَ جو نامور عالم ۽ بزرگ مخدوم عبداللطيف ثاني، مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي مڏئي واري جو فرزند ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو پڙ پوٽو هو. ‘تڪمله مقالات’ جو مؤلف مير خليل سندس ڏوهٽو هو، جيڪو پنھنجي والد جي روايت کي بنياد بڻائي لکي ٿو ته، “مخدوم عبداللطيف ثاني، تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي. پاڻ ۽ سندس فرزند عبدالغفور، فقهي تحريرون لکندا هئا. مخدوم عبداللطيف ثاني، ‘قيوم جھان’ خواجہ صفي کان سلوڪ ۾ تلقين ورتي ۽ خلافت پنھنجي والد کان حاصل ڪئي. نقشبندي بزرگن جو وڏو معتقد هو. سندس وفات جي تاريخ جي ڪا بہ خبر نہ ٿي پوي. (حوالو: الرحيم، مشاهير سنڌ نمبر)


هن صفحي کي شيئر ڪريو