
عبداللطيف، ڍير ڌڻيءَ جي قبر
عبداللطيف، ڍير ڌڻيءَ جي قبر: حضرت خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جي والد حضرت عبداللطيف ڍير ڌڻيءَ جي قبر، لنواري شريف کان 5 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. جڏهن تہ لنواري شريف، بدين شھر کان 15 ڪلوميٽر پري، سيراڻي روڊ تي آهي. ان جي ڀرسان ئي آرمي شگر ملز لڳل آهي. لنواري شريف جي قبن ۽ قبرن جو ميڙ هڪ ڪوٽ اندر آهي. جنهن ۾ قديم ۽ نيون قبرون موجود آهن. لنواري واري درگاھہ ڪن مذهبي اختلافن سبب بند پيل آهي. 1980ع کان هتي پوليس پوسٽ قائم ڪيل آهي. خواجہ محمد زمان جي مقبري جي اتر ۾ پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي خواجہ محمد زمان جي والد حضرت عبداللطيف جنهن کي ‘ڍير ڌڻي’ جو لقب مليل آهي. قبر تي ڪوبه قبو وغيرہ اڏيل ڪونه آهي. پر چوڌاري مستطيل نموني جو لوڙهو ڏنل آهي. قبر هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي. لوڙهو بہ کليل آهي. جنهن کي ڪاٺيون ڏئي چونڪڙيون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي هڪ پاسي مٿان کان هيٺ تعداد ۾ ٽي ۽ ڊگهائيءَ ۾ 8 عدد آهن. انهن چونڪڙين تي رنگين ڪپڙي ۽ رنگين ڪاغذ سان سينگار ڪيل آهي. قبر تي پهچڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ ٺهيل آهي، جنهن کي سيمينٽ جا 2 ڏاڪا ڏنل آهن. دروازو گول ڪمانيءَ تي آهي، ڄڻ گول ونگ ٺهيل هجي. ان تي بہ ڪاغذ جي ذريءَ جو ڪم ٿيل آهي. ان گول ونگ ۾ ننڍو ڪاٺ جو دروازو ٺهيل آهي. صرف مهاڙيءَ ۾ هيٺ ڪجهہ سيمينٽ جو ٿلهو ٺهيل آهي، جيڪو ساڳي وقت چوڌاري ڦريل لوڙهي کي ٽيڪ ڏئي ٿو. هڪ ننڍڙو ۽ سوڙهو سيمينٽ جو رستو قبر تائين وڃي ٿو. قبر تي پڙ پيل آهي. (وڌيڪ ڏسو: خواجہ شيخ عبداللطيف لنواري وارو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)