عبدالله ابو محمد انڍڙ: مشھور عالم ۽ ليکڪ مولانا عبدالله ابو محمد انڍڙ، 1947ع ڌاري ڳوٺ ابراهيم انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ ستابو انڍڙ مان حاصل ڪيائين. عربي، فارسي ۽ ديني تعليم هاليجي شريف، بائجي شريف هنڱورجا، ملتان ۽ رحيم يار خان مان حاصل ڪيائين. پني عاقل ۾ چونگها چوڪ وٽ سندس مدرسو هو، بعد ۾ گنڊو گري ڦاٽڪ وٽ مدرسو قائم ڪيائين. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾: (1) سجدہ سھو جا مسئلا، (2) تعارف خلفاءِ راشدين، (3) لشڪر طيبہ وارن جي حقيقت، (4) اسلام جي تاريخ، (5) شيخ فريد الدين عطار، (6) جلاءُ الافهام، (7) تفسير عثماني وغيرہ شامل آهن.