عبدالله بنگلديرائي: نامور عالم ۽ تحريڪ آزاديءَ جو اهم ڪارڪن، مولانا عبدالله ولد آخوند عبدالرحيم 1277هه/ 1860ع ڌاري ڳوٺ باگڙجي، تعلقي سکر ۾ پيدا ٿيو. هن پنج درجا سنڌيءَ جا ڳوٺ ۾ پڙهڻ کان پوءِ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پرائڻ لاءِ محمد اسماعيل ابڙن واري وٽ دستاربند ٿيو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد بنگلديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مدرسو قائم ڪري چاليهه سال ان مدرسي ۾ درس تدريس ڏيندو رهيو. هيءُ تر جو ناميارو مفتي ۽ تحرير نويس هو. ان سان گڏ طب جي علم جو به وڏو ماهر هو. مولانا نامور عالم تاج محمود امروٽيءَ جو خاص صحبتي هو. هي خلافت تحريڪ سان لاڳاپيل هو. هو خلافت تحريڪ ۽ جميعت العلماءِ جو سرگرم ڪارڪن هو. هي خلافت تحريڪ جي شروعات ۾ جيتوڻيڪ ‘امن سڀائي’ عالمن جي اثر هيٺ رهيو ۽ مولوي فيض الڪريم ٺاروشاهي جي لکيل ‘تحقيق الخلافت’ نالي فتويٰ جي رسالي تي صحي ڪئي هئائين. پر پوءِ جڏهن خلافتي عالمن طرفان ترڪ موالات تي عمل ڪندي غير ملڪي ڪپڙي جي استعمال کي هڪ فتويٰ ذريعي ناجائز قرار ڏنو ويو ته مولانا صاحب به ان فتويٰ جي تصديق ڪري پنهنجي تحريڪ دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. مولانا عبدالله مدرسو في سبيل الله هلائيندو هو. سندس مدرسي جي هاڪ ٻڌي پري پري جا شاگرد وٽس پڙهڻ ايندا هئا، جن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام ڳوٺ جو زميندار يار محمد سومرو ۽ ٻيا ڪندا هئا. سندس مدرسي مان هزارين شاگرد فارغ التحصيل ٿيا، جن مان 32 کن سنڌ جا نامور عالم ٿي گذريا آهن. انهن ۾ مير محمد نورنگي، مولوي عبدالڪريم ڪورائي، غالم رسول لاشاري، مولوي عبدالحليم ڀينڊائي ۽ مولوي عطا محمد بلوچستان وارو قابل ذڪر آهن. هي آخري عمر تائين تعليم جو سلسلو قائم رکندو آيو. هن 20 اپريل 1932ع تي وفات ڪئي.