عبدالله بن ارقم رضہ

عبدالله بن ارقم رضہ: حضرت عبدالله بن ارقمرضه جي پيءُ ارقم جي پڦي حضرت بيبي آمنہ رضہ پاڻ ڪريم صلي عليھ وسلم جن جي والدہ ماجده هئي. حضرت عبدالله رضہ مڪي جي فتح واري موقعي تي مسلمان ٿيو. هو هڪ لکيل پڙهيل ۽ قابل شخص هو، ان ڪري پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن مراسلن ۽ ٻيو ڪتابت جو سمورو ڪم هن جي حوالي ڪري ڇڏيو. سڀني اميرن سان ڳجهي خط و ڪتابت بہ ان جي ذريعي ٿيندي هئي. حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ ۽ حضرت عمر فاروق رضہ جي خلافت جي زماني ۾ بہ اها خدمت حضرت بن ارقم رضہ'>عبدالله بن ارقم رضہ سرانجام ڏيندو رهيو. ان کان سواءِ بيت المال جي نگراني بہ سندس حوالي هئي. حضرت عثمان رضہ جي خلافت واري دور ۾ هن استعيفا ڏئي ڇڏي، ان جو سبب هي هو تہ پاڻ نظر کان محروم ٿي چڪو هو. سن 35 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين، حضرت عبدالله رضہ کان ڪيتريون ئي حديثون روايت ٿيل آهن.


لفظ عبدالله بن ارقم رضہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو